ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪار لفٽنگ سيل (اي وي ايل سي) گلبرگ ڊويزن ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل چوري جي وارداتن ۾ ملوث سنڌ پوليس جي حاضر سروس اهلڪار وريام خان ولد دينو مگسي کي گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان اي وي ايل سي موجب، گرفتار اهلڪار گلشن اقبال ٿاڻي ۾ تعينات هو، جنهن جي قبضي مان چوري ٿيل موٽر سائيڪل، اسلحو ۽ ماسٽر چاٻي هٿ آئي، جيڪا موٽر سائيڪل جا تالا کولڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته وريام خان جي ٻن مختلف وارداتن جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ کيس ماهرانه انداز سان موٽر سائيڪل چوري ڪندي صاف ڏسي سگهجي ٿو.
پوليس جي بيان مطابق، گرفتار اهلڪار اڳ به ناجائز ھٿيارن جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته وریام خان چوري ٿيل موٽر سائيڪلون منشيات وڪرو ڪندڙن کي وڪرو ڪندو هو. هن وقت تائين مختلف ٿاڻن ۾ سندس خلاف 7 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

