رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) امير بالاج قتل ڪيس جو مرڪزي جوابدار خواجه تعريف گلشن عرف طيفي بٽ رحيم يار خان ۾ سي سي ڊي پوليس جي مبينا مقابلي دوران مارجي ويو.
ذريعن موجب، طيفي بٽ کي لاهور منتقل ڪيو پئي ويو ته ٿانو ڪوٽ سبزل صادق آباد جي علائقي ۾ سندس ساٿين کيس پوليس کان ڇڏائي فرار ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس جي بيان مطابق، طيفي بٽ پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
طيفي بٽ جي لاش مرده خاني منتقل ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ تي موجود هئي.
واقعي کان پوءِ رحيم يار خان ۾ طيفي بٽ جي ساٿين سان فرار ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪو ڊي ايس پي سي سي ڊي ماڊل ٽائون لاهور سيد حسين حيدر جي مدعيت ۾ درج ٿيو.
ايف آءِ آر موجب، طيفي بٽ کي گرفتار ڪري لاهور وٺي وڃڻ دوران ٻن گاڏين ۾ سوار هٿياربند جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هڪ پوليس ڪانسٽيبل نور زخمي ٿي پيو. جوابدارن طيفي بٽ کي هٿڪڙين سميت پنهنجي گاڏي ۾ ويهاري فرار ٿي ويا.

