ويانا، آسٽريا (ويب ڊيسڪ) صحافتي آزاديءَ لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ 7 بهادر صحافين کي سال 2025 جي ورلڊ پريس فريڊم هيروز ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، جن ۾ شهيد فلسطيني صحافي مريم ابو دقہ پڻ شامل آهي.
مريم ابو دقہ کي 25 آگسٽ 2025 تي غزه ۾ صهيوني فوج شهيد ڪيو، جڏهن هوءَ جنگي حالتن ۾ ميدانِ صحافت ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي هئي.
انٽرنيشنل پريس انسٽيٽيوٽ (IPI) پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي اعزاز انهن صحافين کي ڏنو پيو وڃي، جن سچ ڳالهائڻ، حقيقتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عوام جي آواز بڻجڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي.
هي ايوارڊز 24 آڪٽوبر تي آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ويانا ۾ IPI جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ خاص تقريب دوران پيش ڪيا ويندا.
مريم ابو دقہ ۽ يوڪريني صحافي وڪٽوريا روشچينا انهن بهادر عورتن ۾ شامل آهن، جن جنگي علائقن ۾ سچ جي تلاش ۾ پنهنجي حياتي قربان ڪئي. مريم جي شهادت فلسطيني صحافت جي تاريخ ۾ نئون باب رقم ڪيو، جتي صحافي قابض بمباري جي باوجود مظلومن جي آواز دنيا تائين پهچائي رهيا آهن.
ٻين نامزد صحافين ۾ شامل آهن:
- مارٽن بيرن (آمريڪا) — تجربيڪار ايڊيٽر
- گستاوو گوريٽي (پيُرو) — تفتیشي صحافي
- جمي لائي (هانگ ڪانگ) — اظهار جي آزاديءَ جو علمبردار
- تسفالم والديس (ايتھوپيا) — حق ۽ سچ جو داعي
بين الاقوامي صحافتي حلقن مريم ابو دقہ جي نامزدگي کي فلسطيني صحافين جي جدوجهد جو عالمي اعتراف قرار ڏنو آهي.

