پاڪ-افغان سرحد تي وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ قبائلي علائقن جي بهادر عوام افغانستان جي سرزمين تان ايندڙ دهشتگردن خلاف پاڻ هٿيار کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ۽ وطن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج سان شانه بشانه بيهڻ جو پڪو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
قبائلي عوام جو پيغام
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ پشتو آڊيو پيغام ۾ مقامي قبائلي ماڻهن واضح طور چيو آهي ته:
“وطن جو دفاع اسان تي فرض آهي، ۽ اسان ان جو دفاع ڪرڻ بخوبي ڄاڻون ٿا.”
هن پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ماضيءَ ۾ به دهشتگردن کي سبق سيکاريو ويو هو، ۽ جيڪڏهن ٻيهر اهڙي ڪا حرڪت ڪئي وئي ته انهن کي ٻيهر سبق سيکارڻ لاءِ تيار آهيون.
دهشتگردن خلاف سخت موقف
قبائلي عوام جو چوڻ آهي ته افغانستان مان ايندڙ دهشتگرد مسلسل پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ دراندازي ڪري رهيا آهن، جنهن تي حڪومت ۽ سڪيورٽي ادارن کي سخت ۽ ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي.
سڪيورٽي ادارن سان تعاون
قبائلي عمائدين واضح ڪيو آهي ته امن قائم رکڻ لاءِ هو سڪيورٽي ادارن سان مڪمل تعاون ڪندا، ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي علائقن جو دفاع به ڪندا. انهن جو چوڻ آهي ته وطن جي حفاظت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

