افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان تي ٿيندڙ بنا جواز حملن کان پوءِ پاڪ فضائيه حرڪت ۾ اچي وئي آهي، ۽ دشمن تي اهڙو رعب طاري ڪيو ويو آهي جو دهشتگردن سان گڏ افغان طالبان عنصر به ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
هوائي گشت ۽ ڊرون حملا
سڪيورٽي ذريعن موجب، هوائي فوج جا جنگي جهاز افغانستان جي مختلف علائقن، خاص طور تي ڪابل، پکتيا ۽ سرحدي پٽيءَ تي مسلسل گشت ڪري رهيا آهن. ان سان گڏ ڊرون حملن ذريعي ٽي ٽي پي جي خفيه ٺڪاڻن ۽ تربيت مرڪزن کي چن چن ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي.
آپريشن جو مقصد
انهن ٽارگيٽڊ آپريشنن جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ بدامني پکيڙيندڙ خوارجي گروهن جي پشت پناهي کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي محفوظ ٺڪاڻن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ آهي.
اهم هدفن تي ڪامياب حملا
سڪيورٽي ذريعن موجب، فضائي ڪارروائين دوران متعدد اهم هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، جن ۾:
- ٽي ٽي پي جون پناهه گاهون
- ڪمانڊ سينٽرز
- هٿيارن جا ذخيرا
هوائي فوج جو دٻدٻو
هوا ۾ اُڏامندڙ پاڪستاني شاهينن دشمن تي اهڙو رعب طاري ڪيو آهي جو نه صرف دهشتگرد فرار ٿي رهيا آهن، پر افغان طالبان جا عنصر به ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

