افغانستان طرفان پاڪستان تي بلااشتعال حملن جي جواب ۾ پاڪ فوج طرفان سخت ۽ مؤثر اسٽرائيڪ ڪئي وئي، جنهن دوران طالبان فورسز جي دراني ڪيمپ 2 کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو، جتي 50 کان وڌيڪ طالبان ۽ خوارج مارجي ويا.
دراني ڪيمپ 2 – دهشتگردن جو لانچ پيڊ
سڪيورٽي ذريعن موجب، دراني ڪيمپ 2 خوارجن جي پاڪستان اندر دهشتگرد ڪاررواين لاءِ مرڪزي لانچ پيڊ طور ڪم ڪندو هو. پاڪ فوج جي اسٽرائيڪ سان هي مرڪز مڪمل طور ختم ڪيو ويو، جنهن سان دهشتگردن جي آپريشنل صلاحيت کي وڏو ڌڪ رسيو.
برابچا علائقي ۾ بٽالين هيڊڪوارٽر تي حملو
ان کان علاوه، برابچا علائقي ۾ افغان طالبان جي سڪنڊ بٽالين هيڊڪوارٽر، جيڪو فرسٽ بريگيڊ سان لاڳاپيل هو، کي به نشانو بڻايو ويو. هي مرڪز خارجين ۽ فتنہ الہندوستان جي دهشتگردن جي لانچنگ لاءِ استعمال ٿيندو هو.
جاني ۽ مالي نقصان
اسٽرائيڪ جي نتيجي ۾ درجنين افغان طالبان ۽ خوارجن کي جاني ۽ مالي نقصان پهتو. سڪيورٽي ذريعن موجب، چمن بارڊر جي علائقي ۾ طالبان جي پوسٽن تي لڪل خوارج پوسٽون ڇڏي فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران مارجي ويا.
فرار جي ناڪام ڪوشش
جاري ويڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خارجين ۽ افغان طالبان پوسٽون ڇڏي فرار ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن کي پاڪ فوج بروقت ڪارروائي ڪندي روڪيو ۽ انگیج ڪيو.

