غزه معاهدو وچ اوڀر جي نئين تاريخي دور جي شروعات آهي: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

HomeFeatured Newsغزه معاهدو وچ...

يروشلم(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه-اسرائيل جنگبندي معاهدي وچ اوڀر جي نئين تاريخي دور جي شروعات قرار ڏني آهي، جتي هن اعلان ڪيو ته “اڄ رڳو جنگ نه، پر دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو به خاتمو ٿيو آهي.”

اسرائيلي پارليامينٽ (ڪنيست) ۾ خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته 20 زنده يرغمالي ۽ 26 جي باقيات ٻن سالن بعد واپس آڻڻ هڪ شاندار ڪاميابي آهي، جيڪا عالمي تعاون سان ممڪن ٿي. هن چيو ته عرب ۽ اسلامي ملڪ هاڻ امن جا ساٿي بڻجي چڪا آهن، ۽ ايندڙ نسلون هن لمحي کي ياد رکنديون جتي تبديلي شروع ٿي.

صدر ٽرمپ عرب ۽ مسلمان ملڪن جي خاص طور شڪرگذاري ادا ڪئي، جن حماس تي دٻاءُ وجهي امن جي راهه هموار ڪئي. هن چيو ته “امن هاڻ خواب نه، پر حقيقت آهي، جنهن کي اسان گڏجي تعمير ڪري سگهون ٿا.”

خطاب دوران هڪ اسرائيلي اپوزيشن ميمبر پاران صدر ٽرمپ جي خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن کي سيڪيورٽي عملي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪي انتظاميه گذريل 8 مهينن ۾ 8 جنگون روڪيون، ۽ وزير خارجه مارڪو روبيو کي آمريڪي تاريخ جو بهترين وزير قرار ڏنو. هن چيو ته “7 آڪٽوبر کي ڪڏهن نه وسارينداسين، ۽ اهڙو واقعو ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين.”

ايران بابت ڳالهائيندي، صدر ٽرمپ ٻڌايو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل آپريشن سان ايران جون ايٽمي تنصيبات ختم ڪيون ويون. 7 B-2 بمبار جهازن ۽ 100 کان وڌيڪ جنگي جهازن ايران تي 14 بم ڪيرايا، جن سان ايران جي ايٽمي صلاحيت ختم ٿي وئي.

هن چيو ته ايران سان امن ۽ تعاون جا دروازا کليل آهن، ۽ ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪيو ويو. عراق ۾ داعش خلاف جنگ بابت هن چيو ته جتي 5 سال لڳڻا هئا، اتي آمريڪي جنرل صرف 4 هفتن ۾ فتح حاصل ڪئي.

لبنان ۾ حزب الله جي هٿيارن جي واپسي کي صدر ٽرمپ خوش آئند قرار ڏنو، ۽ چيو ته غزه ۾ حماس هاڻ مستقل طور هٿيار ڇڏيندو. هاڻ ڌيان استحڪام، سلامتي، وقار ۽ معاشي ترقي تي هجڻ گهرجي.

صدر ٽرمپ چيو ته عرب ۽ مسلمان ملڪن گڏجي دهشتگردي خلاف جدوجهد ڪئي، داعش کي شڪست ڏني، غزه جنگبندي حاصل ڪئي، ۽ اسرائيل مخالف بيانيي کي تبديل ڪيو. لبنان ۾ مثبت تبديليون اچي رهيون آهن، ۽ لبناني صدر جي رياستي اسلحي تي ڪنٽرول جي ڪوششن جي حمايت ڪئي وئي.

آخر ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايران سان امن معاهدو شاندار هوندو، ۽ غزه جي تعمير نو ۾ آمريڪا ڀرپور تعاون ڪندو. هن چيو ته “غزه جي عوام لاءِ امن ۽ بحالي اسان جي ترجيح آهي، ۽ مان انهن اڳواڻن سان جلد ملاقات ڪندس، جن غزه ۾ امن ممڪن بڻايو.”

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});