لاهور / اسلام آباد / راولپنڊي – مريدڪي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي لانگ مارچ خلاف پوليس آپريشن دوران مظاهرين جي فائرنگ سبب فئڪٽري ايريا جو ايس ايڇ او شهزاد جھومڙ شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز جا 48 اهلڪار زخمي ٿيا، جن مان 17 گولين جو نشانو بڻيا.
سڪيورٽي ادارن جي آپريشن دوران مظاهرين طرفان پٿراءُ، پيٽرول بم، ۽ اندها ڌند فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب 3 ٽي ايل پي ڪارڪن ۽ هڪ راھگير مارجي ويا، جڏهن ته 8 عام شهرين کي زخمون آيون. مظاهرين 40 سرڪاري ۽ نجي گاڏين کي باھ ڏئي ڇڏي.
پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جي ٽي روڊ مڪمل طور تي خالي ڪرائي، سڪيورٽي ادارن ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.
لاهور ۾ احتجاج ۽ عدالتي هڙتال
مريدڪي آپريشن خلاف ٽي ايل پي سان لاڳاپيل وڪيلن پاران ايون عدل آڏو احتجاج ڪيو ويو، جتي پوليس اهلڪارن تي مبينا تشدد پڻ ٿيو. وڪيلن سول سيڪريٽريٽ کان پي ايم جي چوڪ تائين ٽريفڪ بند ڪري حڪومت مخالف نعريبازي ڪئي.
لاهور بار پاران ماتحت عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو، وڪيلن کي 11 وڳي کانپوءِ عدالتن ۾ پيش نه ٿيڻ جي اپيل ڪئي وئي. بار پاران مطالبو ڪيو ويو ته گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، زخمين کي علاج جون سهولتون ڏنيون وڃن، ۽ شهيد ڪارڪنن جي فائرنگ جا ذميوار جوابده ڪيا وڃن.
احتجاج سبب سفر ڪندڙن کي ڏکيائيون
مذھبي جماعت جي احتجاج سبب موٽر وي ۽ شهر جون اهم شاهراھون بند ٿيڻ ڪري مسافرن کي شديد ڏکيائيون پيش آيون. وڏي انگ ۾ ماڻهن ريلوي اسٽيشن جو رخ ڪيو، جتي ٽرينن ۾ رش سبب مسافر بيهاري سفر ڪرڻ تي مجبور ٿيا. ريلوي انتظاميه اضافي بوگيون لڳائڻ باوجود رش تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ سڪيورٽي سخت
راولپنڊي ۾ ٽي ڏينهن جي موڪل کانپوءِ تعليمي ادارا کوليا ويا، جتي تدريسي عمل معمول تي اچي ويو. ميٽرڪ جا ضمني امتحان به جاري آهن. شهر جي اهم شاهراھن تي ٽريفڪ روان دوان آهي، جڏهن ته فيض آباد بند هجڻ سبب ٽريفڪ کي متبادل رستن ڏانهن موڙيو ويو.
اسلام آباد ۾ احتجاج سبب عدالتن جو ڪم متاثر ٿيو، وڪيلن جي غير حاضري سبب ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ٿي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران اعلاميو جاري ڪري عدالتن تائين رسائي جي مشڪلاتن بابت آگاهي ڏني وئي.
جڙواں شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ آپريشن کانپوءِ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، پوليس اهلڪار اهم چوراهن تي مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته شمس آباد ۽ فيض آباد جا پوائنٽ اڃا بند آهن. يونيورسٽين ۾ شام جا سيشن منسوخ ٿيڻ سبب والدين ۽ شاگردن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.

