غزه جنگبندي: صدر ٽرمپ ۽ صدر السيسي جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف شرم الشيخ پهچي ويو

Homeاهم خبرغزه جنگبندي: صدر...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خاص دعوت تي شرم الشيخ پهچي ويا، جتي هو غزه ۾ جنگبندي لاءِ ٿيندڙ امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

شرم الشيخ ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال مصري وزير براءِ نوجوانن ۽ راندين ڊاڪٽر اشرف صبحي، پاڪستان جي مصر ۾ سفير عامر شوڪت ۽ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سفارتي عملن ڪيو.

وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ۽ اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ پڻ هن اهم دوري تي موجود آهن.

وزيراعظم شهباز شريف، صدر ٽرمپ، صدر السيسي، امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني، ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏ غزه امن معاهدي جي دستخط تقريب ۾ خاص شرڪت ڪندا. اجلاس اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي دوران شروع ٿيل سفارتي ڪوششن جو تسلسل آهي، جنهن جو مقصد غزه ۾ جنگبندي ۽ انساني تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.

مشترڪ اعلاميي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن آمريڪي صدر جي پيش ڪيل امن منصوبي جي واکاڻ ڪئي، جنهن جو مقصد غزه ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.

وزيراعظم جي شرڪت پاڪستان جي اصولي ۽ تاريخي موقف جي عڪاسي ڪري ٿي ته فلسطيني عوام جي حقن، جنگبندي، ۽ انساني امداد لاءِ هر سطح تي سياسي ۽ سفارتي ڪوششون جاري رهنديون.

اسلام آباد اميد ظاهر ڪئي آهي ته هن امن معاهدي کانپوءِ غزه ۾ ظلمن جو خاتمو، اسرائيلي فوجن جو انخلا، فلسطيني قيدين جي آزادي، ۽ متاثر علائقن جي بحالي ممڪن ٿي سگهندي. پاڪستان جو موقف آهي ته هي قدم مشرقِ وسطیٰ (وچ اوڀر) ۾ دائمي امن جي راهه هموار ڪندا، ۽ اقوام متحده جي قراردادن مطابق 1967 کان اڳ واري سرحدن تي مشتمل آزاد فلسطيني رياست جو قيام ممڪن بڻائيندا، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ القدس الشريف هوندو.

سماجي رابطن جي پليٽفارم “ايڪس” تي جاري بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو:  الحمدلله، اڄ صبح شرم الشيخ ۾ تاريخي غزه امن منصوبي جي دستخط تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو آهيان، جيڪو وچ اوڀر ۾ دائمي امن ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.”

هن صدر ٽرمپ جي قيادت ۽ عزم جي واکاڻ ڪندي چيو ته “صدر ٽرمپ جي خاص توجه ۽ ڪوششن سان ئي غزه ۾ قتل و غارت کي روڪڻ ممڪن ٿيو.”

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ جي تقريب نسل ڪشي جي هڪ باب جي پڄاڻي جي علامت آهي، ۽ عالمي برادري کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اهڙو واقعو ٻيهر ڪٿي به نه دهرائجي. هن زور ڏنو ته بهادر فلسطيني عوام کي 1967 کان اڳ واري سرحدن سان گڏ آزاد فلسطيني رياست ۾ رهڻ جو مڪمل حق حاصل آهي.

بعد ۾ وزيراعظم شرم الشيخ جي ڪانگريس سينٽر پهتو، جتي مصري صدر عبدالفتاح السيسي پاران سندس استقبال ڪيو ويو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});