اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)عالمي ڪيبل ڪنسرشيم طرفان سامونڊي فائبر آپٽڪ ڪيبل جي مرمت جي ڪم سبب ملڪ ڀر ۾ انٽرنيٽ سروس اڄ 14 آڪٽوبر تي 18 ڪلاڪن تائين متاثر رهندي.
پي ٽي سي ايل جي ترجمان موجب، بين الاقوامي ڪيبل ڪنسرشيم سامونڊي ڪيبل ۾ نصب اهم “رپيٽر” جي مرمت لاءِ شيڊول جاري ڪيو آهي، جنهن تحت مرمتي عمل صبح 11 وڳي شروع ڪيو ويو آهي ۽ اهو لڳ ڀڳ 18 ڪلاڪن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
ان دوران صارفين کي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ سست رفتاري، جزوي تعطل يا ڪجهه علائقن ۾ مڪمل بندش جو سامنا ٿي سگهي ٿو. ترجمان جو چوڻ آهي ته هي مرمت ضروري ٽيڪنيڪل ڪم آهي، جنهن جو مقصد انٽرنيٽ سروس جي استحڪام ۽ تسلسل کي يقيني بڻائڻ آهي.
پي ٽي سي ايل گروپ صارفين کان عارضي تڪليف تي معذرت جو اظهار ڪندي يقين ڏياريو آهي ته مرمت مڪمل ٿيڻ بعد انٽرنيٽ سروس مڪمل طور بحال ڪئي ويندي ۽ صارفين کي بهتر رفتار فراهم ڪئي ويندي.
اداري طرفان صارفين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو انٽرنيٽ جي ممڪن متاثر ٿيڻ بابت اڳواٽ تياري ڪن ۽ ضروري ڪم وقت کان اڳ مڪمل ڪن.

