شرم الشيخ (ويب ڊيسڪ) – اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني اعلان ڪيو آهي ته غزه ۾ جنگ بندي معاهدي جي مڪمل نفاذ کان پوءِ اٽلي طرفان فلسطين کي هڪ آزاد رياست طور تسليم ڪرڻ جو امڪان اڳ کان وڌيڪ ويجهو ٿي ويو آهي.
مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ امن ڪانفرنس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ميلوني چيو ته، “جيڪڏهن هي معاهدو مڪمل طور تي لاڳو ٿي ويو ته اٽلي طرفان فلسطين جي تسليم ٿيڻ يقيني طور تي ويجهو هوندو.”
ميلوني واضح ڪيو ته اٽلي فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪري ٿو ۽ غزه جي عوام لاءِ انساني امداد جاري رکندو. هن وڌيڪ چيو ته اٽلي غزه ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ عملي سهڪار ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ۽ جيڪڏهن اقوام متحده جي قرارداد تحت ضرورت پيش آئي ته اطالوي ڪارابينييري فورس کي به تعينات ڪري سگهجي ٿو.
اطالوي وزيراعظم چيو، “اٽلي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هي هڪ تاريخي ڏينهن آهي ۽ مان فخر محسوس ڪريان ٿي ته اٽلي هن عمل جو حصو آهي.”
اٽلي جي هن موقف کي عالمي سطح تي اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي، خاص طور تي غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ امن جي ڪوششن جي تناظر ۾.

