پرڏيھي آفيس جو جو بيان پاڪستان جي افغان پاليسيءَ ۾ وڏي تبديليءَ جو اظهار

Homeاهم خبرپرڏيھي آفيس جو...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ افغان طالبان بابت اهم تبديلي سامهون آئي آهي، جيڪا 11 آڪٽوبر تي پاڪستاني پوسٽن تي افغان فورسز جي بلااشتعال حملي کان پوءِ واضح ٿي آهي. دفتر خارجہ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ افغان حڪومت لاءِ “طالبان حڪومت” جو لفظ استعمال ڪيو ويو، جيڪو ان جي قانوني حيثيت تي سوال اٿارڻ جي علامت سمجهيو پيو وڃي.

اگسٽ 2021ع ۾ جڏهن طالبان افغانستان ۾ اقتدار تي واپس آيا، تڏهن پاڪستان انهن جو وڏو حمايتي بڻجي سامهون آيو هو. اسلام آباد نه رڳو نئين حڪمرانن سان ويجهڙائپ جي وڪالت ڪئي، پر عالمي سطح تي افغانستان جي قانوني حيثيت لاءِ به ڪوششون جاري رکيون.

پر پاڪستان جي بنيادي ڳڻتي هميشه ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ان سان لاڳاپيل گروپن طرفان افغان سرزمين جي استعمال بابت رهي آهي. پاڪستان کي اميد هئي ته طالبان اڳوڻين حڪومتن (ڪرزي ۽ غني) جيان انهن گروپن کي برداشت نه ڪندا، پر ڪجهه مهينن اندر ئي اسلام آباد کي اهو احساس ٿيو ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن.

فوج جي ميڊيا ونگ افغان حملي ۽ پاڪستان جي ردعمل بابت آپريشنل تفصيل فراهم ڪيا آهن، جڏهن ته دفتر خارجہ جي دير سان جاري ڪيل بيان ۾ افغان پاليسيءَ ۾ واضح تبديليءَ جا اشارا ڏنا ويا آهن.

بيان ۾ پاڪستان طرفان افغانستان لاءِ “پرامن، مستحڪم، دوستاڻو، جامع، علائقائي طور ڳنڍيل ۽ خوشحال” مستقبل جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت پاڪستان اها اميد به ظاهر ڪئي آهي ته طالبان حڪومت ذميواريءَ سان ڪم ڪندي، پنهنجن واعدن جو احترام ڪندي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندي.

سرڪاري ذريعن موجب، پاڪستان هاڻ طالبان حڪومت جي حمايت تيسين نه ڪندو، جيستائين اها پنهنجي پاليسين ۾ تبديلي آڻي ۽ پاڪستان جي سلامتي خدشن کي سنجيدگيءَ سان نه وٺي. ان سان گڏوگڏ، پاڪستان سرحد پار حملي جي صورت ۾ فوري ردعمل لاءِ نوان اصول به طئي ڪري ڇڏيا آهن، جن تحت افغانستان جي اندر ڪارروائي جو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});