واپاري لاڳاپن ۾ اھم اڳڀرائي، امريڪي انتظاميه سان ڪامياب ڳالهين کانپوءِ ٽيرف ڊيل تي عمل مڪمل

Homeاهم خبرواپاري لاڳاپن ۾...

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) وفاقي ناڻي ۽ محصول واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته امريڪي انتظاميه سان ڪامياب ڳالهين جي نتيجي ۾ پاڪستان لاءِ ٽيرف ڊيل تي عمل ممڪن ٿيو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي آهي.

واشنگٽن ڊي سي ۾ معاون امريڪي ناڻي واري وزير رابرٽ ڪپروتھ ۽ قونصلر جوناتھن گرينسٽين سان ملاقات دوران سينيٽر اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي معاشي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام تحت اهم قدم کنيا ويا آهن. هن امريڪي اختيارين کي ورچوئل اثاثن جي ريگيوليشن بابت قانون سازي کان به آگاهه ڪيو.

وفاقي وزير امريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ تيل، گئس، معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. بعد ۾ يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبرن سان ملاقات دوران هن ميڪرو اڪنامڪ اشاريَن ۾ بهتري، خانگي شعبي جي اڳواڻي ۽ ڪاروباري ادارن کي درپيش چئلينجن بابت تفصيل سان روشني وڌي.

هن زور ڏنو ته حڪومت پاڪستان ڪاروباري برادري کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن تجارتي معاهدي جي روشنيءَ ۾ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ۽ بزنس ٽو بزنس تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي معدنيات، زراعت، آءِ ٽي ۽ فارماسيوٽيڪلز جي شعبن ۾.

سينيٽر اورنگزيب سٽي بئنڪ جي نمائندن سان ملاقات دوران بئنڪ جي پاڪستان سان لاڳاپن جي ساراهه ڪئي ۽ ملڪ جي مالي استحڪام بابت تفصيل فراهم ڪيا. هن پاڪستان جي ڊجيٽل جدت ۽ مالي خدمتن جي واڌاري تي به روشني وڌي.

آءِ ايف سي جي علائقائي نائب صدر رڪارڊو پليٽي سان ملاقات دوران وزير ناڻي ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ اشاريَن کي اجاگر ڪيو ۽ آءِ ايف سي جي پاڪستان سان ڏهاڪن تي ٻڌل شراڪتداري جي واکاڻ ڪئي. هن ريڪو ڊڪ منصوبي جي مالي بندش تي اتفاق ۽ اسلام آباد ۾ علائقائي آفيس جي قيام کي خوش آئند قرار ڏنو.

اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات دوران وزير ناڻي بئنڪ جي تعاون تي شڪريو ادا ڪيو. ملاقات ۾ ايم سڪس جي ٻن سيڪشنز جي فنانسنگ جي منظوري، پوليو جي خاتمي ۽ آئل فنانسنگ سهولت بابت تعاون تي زور ڏنو ويو.

دولت مشترڪه جي ناڻي واري وزيرن جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي سينيٽر اورنگزيب هڪ مضبوط ۽ خوشحال دولت مشترڪه جي هدف لاءِ عمل ۽ نتيجن تي ڌيان ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن موسمياتي فنانسنگ، لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۽ فني معاونت بابت قدمن جي حمايت ڪئي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});