اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ادارن ڀارت جي منافقانه پاليسين ۽ افغان طالبان سان ڳٺ جوڙ بابت نوان انڪشاف سامهون آندا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو.
ڀارت، جيڪو اقوام متحده ۾ بار بار افغانستان جي سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ جا الزام لڳائيندو رهيو آهي، هاڻ ساڳي افغان طالبان حڪومت سان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ ملايائين. افغان وزير خارجہ جو ڀارت جو دورو ۽ ان کان پوءِ پاڪستاني پوسٽن تي حملا ان ڳٺ جوڙ جا واضح ثبوت آهن.
پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ثبوتن سان ثابت ڪري چڪو آهي ته ڀارت “فتنته الخوارج” ۽ افغان طالبان جو سهولتڪار آهي. مفاد پرست مودي جي طالبان سان ويجهڙائپ تي ڀارت جي اندر ئي احتجاج شروع ٿي ويو آهي، جتي اپوزيشن جماعتن مودي جي منافقانه پاليسي تي سخت سوال اٿاريا آهن.
مقبوضه ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي چيو ته، “جيڪي طالبان کي دهشتگرد چوندا هئا، اڄ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن. مودي پنهنجي ئي شهرين سان دشمني ڇو پيو ڪري؟”
هن وڌيڪ چيو ته، “اوهان جا ماڻهو ڪالهه تائين داڙهي وارن جي داڙهيون ڇڪيندا هئا، ٽوپيون لاهيندا هئا، اڄ وڏين پڳن وارن آڏو هٿ ٻڌي بيٺا آهيو.”
تجزيوڪار چون ٿا ته ڀارت جو افغان طالبان سان ڳٺ جوڙ نه صرف خطي جي امن لاءِ خطرو آهي، پر مودي حڪومت جي منافقانه پاليسي کي به بي نقاب ڪري ٿو. پاڪستان جو موقف آهي ته ڀارت افغان طالبان جي ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگرد گروپن جي سهولتڪاري چاهي ٿو، جيڪو خطي جي سلامتي لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.

