پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ نئون حڪم جاري ڪندي گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي کي هدايت ڪئي آهي ته هو 15 آڪٽوبر، اربع جي شام 4 وڳي تائين نئين چونڊيل وزيراعليٰ سهيل آفريدي کان حلف وٺن، ٻي صورت ۾ صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر حلف وٺندو.
تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي دوران گورنر جي طرفان مقرر ڪيل وڪيل عامر جاويد عدالت کي آگاهه ڪيو ته گورنر چيو آهي ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت جهاز موڪلي ته هو اڄ واپس اچي ويندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو، “ايڊووڪيٽ جنرل صاحب، پوءِ جهاز جو بندوبست ڪريو.” جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل شاهه فيصل اتمانخيل جواب ڏنو ته، “هاڻ ته وزيراعليٰ ئي ناهي، ڪنهن کي چئون ته جهاز جو بندوبست ڪري؟”
سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور اسيمبلي فلور تي استعفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ نئين وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي ووٽ به ڏنو. هن چيو ته آئيني طور تي وزيراعليٰ جي استعفا لاءِ منظوري جي ڪا شرط ناهي، نئون وزيراعليٰ چونڊجي وڃي ته حلف وٺڻ لازمي آهي.
عدالت سڀني دليلن جي مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو. چيف جسٽس واضح طور تي حڪم ڏنو ته گورنر حلف وٺڻ لاءِ موجود نه هجي ته اسپيڪر صوبائي اسيمبلي حلف وٺندو.
فيصلي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جنيد اڪبر چيو ته عدالت آئيني ۽ قانوني حق ڏنو، اسان سياسي ۽ قانوني جنگ وڙهي، ۽ 26هين آئيني ترميم کان پوءِ به عدالت تي اعتماد آهي. هن چيو ته سڀني سياسي جماعتن جا ٿورائتا آهيون، جن جهموري عمل ۾ ساٿ ڏنو.
اسد قيصر چيو ته، “اڄ قانون جي فتح ٿي آهي، چيف جسٽس ميرٽ تي فيصلو ڏنو، اهڙا فيصلو ٿيندا ته اسان عدالتن سان گڏ بيهنداسين، 26هين آئيني ترميم کان پوءِ اهڙو فيصلو جرئتمنداڻُ قدم آهي.”

