بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين جي پرڏيهي وزارت واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معدني نمونن بابت سامهون ايندڙ خبرون بي بنياد آهن، ۽ پاڪستان طرفان چين کي يقين ڏياريو ويو آهي ته انهن لاڳاپن سان چين جي مفادن يا ٻنهي ملڪن جي باهمي تعاون کي ڪو به نقصان نه ٿيندو.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين ۽ پاڪستان هر موسم جا اسٽريٽجڪ ساٿي آهن، ۽ ٻنهي جي “آهني دوستي” وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. ترجمان موجب، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهم معاملن تي اعليٰ سطح جو اعتماد ۽ ويجهو رابطو قائم آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مائننگ تعاون بابت چين کي باقاعده آگاهه ڪيو ويو آهي، ۽ پاڪستان جي قيادت آمريڪي اڳواڻن کي جيڪي معدني نمونا ڏيکاريا، اهي مقامي طور تي خريد ڪيل قيمتي پٿر هئا، جن جو چين سان ڪو تعلق ناهي. هنن اهڙين خبرن کي غلط معلومات يا من گهڙت قرار ڏيندي چيو ته اهي چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فاصلن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهن.
چيني ترجمان اهو به واضح ڪيو ته چين جي ريئر ارتھ ايڪسپورٽ ڪنٽرول پاليسين جو پاڪستان سان ڪو تعلق ناهي. انهن قدمن جو مقصد عالمي امن، علائقائي استحڪام، ۽ بين الاقوامي ذميوارين جي ادائيگي آهي، جيڪي چين جي قانوني فريم ورڪ تحت ڪيا ويا آهن.
چين جي بيان سان واضح ٿي ويو آهي ته پاڪستان-چين لاڳاپا مضبوط ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن، ۽ ڪنهن به افواهه يا پروپيگنڊا سان انهن ۾ دراڙ وجهڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي.

