راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 26 نومبر جي احتجاج ڪيس ۾ عليمه خان سميت 10 جوابدارن تي فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏي. هي ڪيس ٿاڻي صادق آباد ۾ داخل ٿيل هو، جنهن جي ٻڌڻي دوران عدالت پاران فيصلو ٻڌايو ويو.
عدالت ۾ ٻڌڻي دوران عليمه خان طرفان داخل ڪيل درخواست تي پراسيڪيوشن پنهنجا دليل پيش ڪيا. عليمه خان عدالت جي دائري اختيار کي اينٽي ٽيررازم ايڪٽ جي سيڪشن 23 تحت چئلينج ڪيو هو، جنهن تي عدالت جوابدارن تي فردِ جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن تي به ساڳي وقت فردِ جرم لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته ٻڌڻي جي ايندڙ مرحلي ۾ شاهدن جا بيان ۽ ثبوت پيش ڪيا ويندا. عدالت پاران ڪيس جي اڳڀرائي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.

