لاهور (ويب ڊيسڪ) مذهبي جماعت جي پرتشدد احتجاج جي پس منظر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران منتظمين جي سڃاڻپ مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مشتعل عنصرن جي فهرست به تيار ڪئي وئي آهي. پوليس ذريعن موجب، مڪمل ڊيٽا لاڳاپيل ادارن حوالي ڪيو ويو آهي، ۽ سڄي ملڪ ۾ نيٽ ورڪ ۽ ڪمانڊ پوائنٽن جي نشاندهي پڻ مڪمل ٿي چڪي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيو فِينسنگ ذريعي مرڪزي ڪردار سامهون اچي ويا آهن، جڏهن ته ڪال ڊيٽا رڪارڊ جي مدد سان ماسٽر مائينڊز جي سڃاڻپ به ٿي چڪي آهي. ان سان گڏ فنانسرز ۽ سهولتڪارن کي الڳ ڪري جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي.
پوليس ذريعن موجب، وارنٽس تيار ڪيا ويا آهن ۽ ڪنهن به وقت ڪيريڪ ڊائون جو امڪان آهي، جڏهن ته وڏن شهرن ۾ ڇاپن جي منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته باهيون ڏيڻ وارن جي وڊيوز ۽ چهرا سڃاڻي ورتا ويا آهن، ۽ فِيشل رِيڪگنيشن ٽيڪنالاجي ذريعي سڀئي ڪردار بي نقاب ٿي چڪا آهن. مشتبہ فنڊنگ جي مڪمل جاچ جاري آهي، بينڪنگ رڪارڊ محفوظ ڪيو ويو آهي ۽ خصوصي ٽيمون سرگرم ٿي چڪيون آهن.
ذريعن موجب، امن خراب ڪندڙن خلاف زيِرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ قانون جي مطابق سخت ڪارروائي يقيني بڻائي ويندي.

