لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي جي ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بريت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جيڪو 25 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو.
عدالت جي جج محمد عارف خان نيازي گذريل ٻڌڻي جو تحريري حڪم جاري ڪندي چيو ته پرويز الاهي جي هڪ ڏينهن جي حاضري معافي جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي. درخواست سان گڏ سروسز اسپتال جي ڊاڪٽر جي تصديق ٿيل ميڊيڪل رپورٽ پڻ جمع ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ آرام جو مشورو ڏنو ويو هو.
تحريري حڪم موجب، اسپيشل پراسيڪيوٽر اعتراض ڪيو هو ته گذريل ٻڌڻي تي جمع ڪرايل حاضري معافي ادويات جي نسخي کان سواءِ هئي، جڏهن ته موجوده درخواست ضروري ميڊيڪل دستاويزن سان مڪمل آهي.
عدالت واضح ڪيو ته پرويز الاهي جي بريت جي درخواست تي سڀني ڌرين جا دليل مڪمل ٿي چڪا آهن، ۽ هاڻي فيصلو 25 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو.

