لنڊن (ويب ڊيسڪ) نوبيل انعام يافته پاڪستاني سماجي ڪارڪن ملاله يوسفزئي پنهنجي نئين سوانح عمري “فائنڊنگ مائي وي” ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هن آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران ڪيترا ڀيرا نشو ڪيو، جيڪو هن جي زندگي جي صدمن سان جڙيل تجربن کي ٻيهر اجاگر ڪري ويو.
برطانوي اخبار موجب، ملاله پنهنجي يادداشتن تي ٻڌل ڪتاب ۾ اعتراف ڪيو آهي ته هن ويڊ (weed) جهڙي منشيات استعمال ڪئي، جنهن کانپوءِ هوءَ ذهني طور تي شديد خوف، بيچيني ۽ جسماني تڪليف جو شڪار ٿي وئي. ڪتاب 21 آڪٽوبر 2025 تي شايع ٿيندو، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي جا مختلف رخ، چئلينج ۽ نوجواني جا تجربا بيان ڪيا آهن.
ملاله لکي ٿي ته هڪ رات هوءَ پنهنجي دوست انيسه سان گڏ يونيورسٽي جي پراڻي شيڊ ۾ وئي، جتي ڪجهه شاگرد منشيات استعمال ڪري رهيا هئا. هن به انهن سان گڏ ويڊ استعمال ڪئي، جنهن کانپوءِ کيس طالبان جي حملو ۽ 15 سالن جي عمر ۾ سوات ۾ پيش آيل واقعا ياد اچڻ لڳا. هوءَ لکي ٿي ته نشي کانپوءِ سندس جسم لرزڻ لڳو، هلڻ ۾ ڏکيائي ٿي، ۽ دماغ وقت جو حساب وڃائي ويٺو.
ڪتاب ۾ ملاله ٻڌائي ٿي ته نشي جي حالت ۾ هوءَ ڪوما جهڙي ڪيفيت ۾ هلي وئي، جتي کيس لڳو ته هوءَ اسڪول بس، بندوق بردار شخص، ۽ رت سان ڀريل منظرن ۾ واپس هلي وئي آهي. هوءَ چيڪاٽيندي رهي پر سندس جسم حرڪت ڪرڻ کان قاصر هو.
ملاله لکي ٿي ته سندس دوست کيس هاسٽل واپس وٺي وئي، جتي هوءَ فرش تي ڪري پئي، سانس وٺڻ ۾ ڏکيائي ٿي، ۽ کيس لڳو ته سندس گلي ۾ ڪجهه اٽڪجي ويو آهي، بلڪل هسپتال جي ٽيوب وانگر. هوءَ سڄي رات جاڳندي رهي، خوف ۾ مبتلا رهي، ۽ چند ڏينهن تائين صدمو برداشت ڪندي رهي.
هي سوانح عمري نه صرف ملاله جي ذاتي تجربن کي اجاگر ڪري ٿي، پر ذهني صحت، نوجوانن جي دٻاءَ ۽ صدمن سان جهيڙڻ بابت اهم بحث کي به جنم ڏئي ٿي.

