پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي گلبهار ۾ هڪ پوليس اهلڪار پاران اسمگلنگ ڪندڙ چنگچي رڪشي کي روڪڻ جي ڊرامائي ڪوشش کيس هيرو بنائڻ بدران مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو. جي ٽي روڊ تي پيش آيل واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جتي اهلڪار هلندڙ گاڏي سان لٽڪجي سڙڪ تي گهسيٽجڻ لڳو.
وڊيو ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار گاڏي روڪڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، پر ڊرائيور گاڏي نه روڪي، جنهن سبب اهلڪار گاڏي سان چمٽجي ڪجهه فاصلي تائين سڙڪ تي گهسيٽجڻ لڳو. هي منظر رهواسين کي حيران ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ پوليس کاتي طرفان فوري ڪارروائي ڪندي ايس ايس پي آپريشنز اهلڪار کي معطل ڪري ڇڏيو. پوليس ترجمان موجب، اهلڪار بغير مناسب بئڪ اپ جي خطرناڪ طريقي سان ڪارروائي ڪئي، جيڪا نه صرف سندس جان لاءِ خطرو هئي، پر قواعد جي ڀڃڪڙي به هئي.
سوشل ميڊيا تي صارفين طرفان مخالف ۽ حمايتي ردعمل ڏسڻ ۾ آيا. ڪجهه صارفين اهلڪار جي همت کي ساراهيو، جڏهن ته ٻين طريقه ڪار تي سوال اٿاريا. هڪ صارف لکيو: “هيرو بنجڻ جو شوق ته پورو ٿيو، پر طريقو غلط هو”، جڏهن ته ٻئي چيو: “ڪوشش ته ڪئي، گهڻا ته اها به نٿا ڪن.”
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙن معاملن ۾ مناسب حڪمت عملي ۽ تربيت ضروري آهي، ۽ بغير بئڪ اپ جي ڪارروائي نه صرف خطرناڪ آهي، پر اداري جي ضابطن جي خلاف به آهي. معطل ٿيل اهلڪار خلاف داخلي جاچ جاري آهي.

