ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو، جتي قيمتون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن. عالمي مارڪيٽن ۾ تيزيءَ جي اثر هيٺ، پاڪستان جي مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به سون جا اگهه نون رڪارڊن کي ڇهي ويا.
اڄ بدھ ڏينهن عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 58 ڊالر جي اوچتي واڌ سان 4198 ڊالر تائين پهچي وئي، جيڪا هن وقت تائين جي بلند ترين سطح آهي.
ان عالمي رجحان جي اثر هيٺ، پاڪستان جي صرافه مارڪيٽن ۾ به 24 قيراط في تولا سون جي قيمت ۾ 5800 رپين جو اضافو ٿيو، جنهن سان اگهه وڌي 4 لک 40 هزار 900 رپيا ٿي ويا.
ساڳئي وقت، في 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 4972 رپين جي واڌ سان نئون اگهه 3 لک 78 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو، جيڪو مقامي مارڪيٽ جي تاريخي بلندين مان هڪ آهي.
مارڪيٽ ماهرن موجب، قيمتن ۾ واڌ جو سبب عالمي معاشي غير يقيني صورتحال، ڊالر جي قيمت ۾ تبديليون، ۽ سيڙپڪارن جو محفوظ اثاثن ڏانهن رجحان آهي، جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ به قيمتن کي متاثر ڪري سگهي ٿو.

