نوشڪي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج طرفان نوشڪي سيڪٽر ۾ افغان طالبان فورسز جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويو، جتي افغانستان جي حدن اندر 3 ڪلوميٽر اندر واقع غزنالي پوسٽ تباهه ڪئي وئي ۽ پاڪستاني قومي پرچم لهرايو ويو.
جاري ٿيل سڪيورٽي فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پاڪ فوج جي جوانن دشمن جي پوزيشنن کي نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ افغان طالبان فوجي اسلحو ۽ سامان ڇڏي فرار ٿي ويا.
12 ۽ 11 آڪٽوبر جي وچ واري رات دوران پاڪ فوج جي مؤثر ڪارروائين سان سرحد پار طالبان جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا. رپورٽن موجب، پاڪ فوج 21 افغان طالبان پوسٽون عارضي طور تي قبضي ۾ وٺي چڪي آهي، جڏهن ته دهشتگردن جا ڪيترائي تربيت ڪيمپ به ناکاره بڻايا ويا آهن.
انٽيليجنس ذريعن مطابق، 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ انهن جا معاون دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترا زخمي پڻ ٿيا آهن. پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به بيروني جارحيت جو منھ ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي.

