ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ اڳوڻي مس يونيورس سشميتا سين پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن پنهنجي ڌيئرن ريني ۽ عاليشا کي گود وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ته ان دوران کيس قانوني ۽ سماجي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو، پر سندس والد شوبيئر سين هن مشڪل وقت ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏنو.
سشميتا ٻڌايو ته 2000ع ۾ جڏهن هوءَ پهرين ڌيءَ کي گود وٺڻ چاهيندي هئي، تڏهن قانوني طور غير شادي شده عورتن لاءِ اهڙي ڪا پابندي نه هئي، پر سماجي تعصب ۽ قانوني پيچيدگين سبب هي عمل تمام ڏکيو ٿي پيو.
اداکارا ٻڌايو ته هوءَ 21 ورهين جي عمر ۾ ماءُ بڻجڻ جي خواهشمند هئي ۽ 24 ورهين جي عمر ۾ ريني کي گود وٺڻ لاءِ عدالت جو رخ ڪيو. ان وقت کيس ڊپ هو ته جيڪڏهن فيصلو سندس خلاف آيو ته جنهن نياڻيءَ کي هوءَ دل سان قبول ڪري چڪي آهي، سا کيس واپس وٺي ويندي.
سشميتا موجب، سندس والد شوبيئر سين نه رڳو سندس حمايت ڪئي، پر پنهنجي سڄي ملڪيت به ريني جي نالي ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻتہ قانوني طور اها شرط هئي ته ڌيءَ جي نالي تي ملڪيت جو اڌ حصو هجڻ ضروري آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته عدالت جي جج سندس والد کي چيو ته، “جيڪڏهن توهان پنهنجي ڌيءَ کي ٻار گود وٺڻ ڏيو ٿا ته ڪو به سٺو ڇوڪرو هن سان شادي نه ڪندو.” جنهن تي سندس والد جواب ڏنو، “مون پنهنجي ڌيءَ کي صرف ڪنهن جي زال بڻجڻ لاءِ نه پر هڪ مڪمل انسان بڻائڻ لاءِ پرورش ڏني آهي.”
ياد رهي ته سشميتا سين 2000ع ۾ ڀارت جي پهرين سنگل ماءُ بڻجڻ واري مشهور شخصيت بڻجي وئي هئي، ۽ ڪجهه سال پوءِ هن ٻي ڌيءَ عاليشا کي به گود ورتو.

