حل ٿيل مسئلن کي نه ڇيڙيو، 18هين ترميم آئين جو حصو آهي: خواجا آصف

Homeاهم خبرحل ٿيل مسئلن...

اسلام آباد(سنڌ نيوز آن لائن) قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته 18هين ترميم 2010ع ۾ پاس ٿي ۽ صوبائي خودمختياري جو معالو حل ٿي ويو حل ٿيل مسئلن کي نه ڇيڙيو وڃي.

ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته جتي اميگريشن ٿيندي آهي، اُتي وفاقي ملازم هوندو آهي ۽ جتي اِها 78 سيڪڙو ٻوڏ آئي، اُتي وفاقي ملازم بيٺل هئا، حڪومت طرفان گومگو جي ڪيفيت اختيار ڪئي، ايئرپورٽس تي صحت ۽ ٻيو عملو وفاق جا ملازم هوندا آهن ان ڪري شاهه محمود قريشي پنهنجو ريڪارڊ درست ڪري.

هن چيو ته اسان وٽ اڃان به ڪورونا وائرس جو عروج اچڻو آهي، ٻن اڍائي مهينن جي غفلت جي ڪري اڄ ان صورتحال ۾ آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائنو جاري رکون ٿا ته صورتحال ان تي پهچي ٿي، اسان ٻين ملڪن سان ڀيٽ نٿا رکون ڇو ته انهن ملڪن ۾ ڪورونا وائرس هاڻ زوال پذير آهي.

شاهه محمود قريشي جي بيادن تي تنقيد ڪندي خواجا آصف چيو ته پرڏيهي وزير کي اِهو نه چوڻ گهرجي ته سنڌ ڪارڊ کيڏيو پيو وڃي، هن خطاب ۾ 8 کان 10 ڀيرا ارڙهين ترميم جي ڳالهه ڪئي، 18هين ترميم 2010 ۾ پاس ٿي ۽ اِهو صوبائي خودمختياري جو معاملو حل ٿي ويو ان ڪري حل ٿيل مسئلن کي نه ڇيڙيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته اتفاق راءِ سان طئي ٿيل مسئلن کي ان طرح جي نيتن سان نٿو کولي سگهجي، 18هين ترميم آئين جو حصو آهي، گڏيل مفادن واري ڪونسل جي ميٽنگ به ناهي گهرائي ويندي.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير کي پيپلز پارٽي تي صوبائيت جي باري ۾ تنقيد نه ڪرڻ گهرجي ها، سنڌ بهادري سان مقابلو ڪري رهي آهي پر هتي ڪا به پاليسي ناهي، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل کي عدالت جي فيصلي جي باوجود بند ڪيو ويو آهي، وزير اعظم رڳو هڪ ميٽنگ ۾ آيو هو اُها به اڌوري ڇڏي هليو ويو هو.

سندس چوڻ هو ته اسان کي ٻڌايو ويو هو ته ٽيسٽنگ صلاحيت 50 هزار روزاني ٿيندي پر اڄ ٻڌائي رهيا آهن ته ٽيسٽنگ جي صلاحيت 20 هزار روزاني آهي، 30 هزار ڪيس ۽ 6 سئو کان وڌيڪ فوتگين تي لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، ان ڪنفيوزن جي ڪير وضاحت ڪري.

ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون آهي يا نه، اسمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪا به گنجائش ناهي، حقيقت اِها آهي ته بحران جي لاءِ اسان وٽ ڪو به منصوبو ناهي، ڀارت مان اربين رپين جون دوائون گهرائڻ تي مسئلو آهي، اِها ڊگهي جنگ آهي اسان هٿ پير شروع کان سُڄي چڪا آهن، اسان معيشت ڏيڍ سال ۾ تباهه ٿي چڪي هئي، مٿان ڪورونا جي بيماري لڳ وئي ۽ هاڻ ان بحران دوران ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ٻيا بحران پيدا ڪيا پيا وڃن.

ڊاڪٽرز جي حوالي سان خواجا آصف چيو آهي ته ڊاڪٽر ۽ طبي عملي کي سلام پيش ڪيون ٿا، ڇا اسان پهرين صف واري جٿي کي هٿيار فراهم ڪيا؟ اڄ به هنن وٽ حفاظتي ڪٽون موجود ناهن.

قومي احتساب بيورو تي تنقيد ڪندي ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جون گرفتاريون جاري آهن، نيب، ايف آءِ اي اڄ به لڳا پيا آهن، حڪومت ۾ سمورا حاجي ۽ نمازي ويٺا آهن، انهن جو ڪيس نڪري اچي ته انڪوائري ڪميشن جي واڌ ٿي ويندي آهي، اسان کي ته خواب ۾ به ڪجهه ڪندي ڏسن ٿا ته پيشيون شروع ٿيون ٿي وڃن. هن چيو ته وزير اعظم ڪهڙي قومي اتحاد جي ڳالهه ڪندو آهي؟ وزيراعظم ڪهڙي شئي جو بدلو ۽ انتقام وٺڻ چاهي ٿو؟ صحت وارو وزير چونڊڻ لاءِ هن کي ڪو به چونڊيل ماڻهو نظر نه آيو، ماڻهو امپورٽ ڪيا ويندا آهن، بابر اعواڻ پارلياماني معاملن جو وزير آهي ۽ هو پارليامينٽ جو ميمبر ئي ناهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});