ممبئي (شوبز رپورٽر) – بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا زرين خان سوشل ميڊيا تي وڌندڙ آن لائن هراسانی تي سخت پريشاني جو اظهار ڪندي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو، جيڪو تيزي سان وائرل ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 38 ورهين جي اداڪارا چيو ته هوءَ جڏهن به ڪا پوسٽ شيئر ڪري ٿي، ته کيس فحش، غير مهذب ۽ ذومعني تبصرا مليا وڃن ٿا، جيڪي هر ڀيري مايوسي جو سبب بڻجن ٿا. زرين خان سوال ڪيو ته ڇا سندس فالوورز به اهڙي هراسانی جو شڪار ٿين ٿا؟ ۽ آخر اهڙي روين جي پويان سبب ڇا آهي؟
زرين خان جي وڊيو تي ڪيترن ئي مداحن ۽ سوشل ميڊيا صارفين سندس حمايت ۾ آواز بلند ڪيو، جڏهن ته ڪجهه صارفين سوشل ميڊيا تي وڌندڙ بدتميزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪيترن ئي صارفين زرين کي مشورو ڏنو ته هوءَ اهڙن ٽرولز کي نظرانداز ڪري.
واضح رهي ته زرين خان 2010ع ۾ سلمان خان سان فلم “وير” ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو، جتي چيو ويو ته کيس ڪترينا ڪيف سان مشابھت سبب سلمان خان جي سامهون آندو ويو. زرين خان “هائوس فل 2″، “هيٽ اسٽوري 3” ۽ “اکسر 2” جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي، جڏهن ته سندس آخري فلم “هم به اڪيلي تم به اڪيلي” 2021ع ۾ رليز ٿي هئي.

