گوھ اٽي (ويب ڊيسڪ) – آسام جي ضلعي بڪسا ۾ مشهور گلوڪار زوبين گارگ جي موت بابت هلندڙ ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي عدالت مان جيل منتقل ڪرڻ دوران پرتشدد احتجاج شروع ٿي ويو، جنهن سبب علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، جيل جي ٻاهران وڏي انگ ۾ موجود مڇريل چاھيندڙن جوابدارن جي گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ۽ ٽن پوليس گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ هڪ صحافي زخمي ٿي پيا. پوليس طرفان حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هوائي فائرنگ، لاٺي چارج ۽ آنسو گيس جو استعمال ڪيو ويو.
گرفتار جوابدارن ۾ نارتھ ايسٽ انڊيا فيسٽيول جو آرگنائيزر شيام ڪانو مهانتا، زوبين جو مينيجر سدھارتھا شرما، سندس ڪزن سنديپن گارگ ۽ ٻه سيڪيورٽي اهلڪار شامل آهن.
خصوصي جاچ ٽيم جي سربراهه ايم پي گپتا موجب، ٻه ٻيا جوابدار، شيکهر جيوتي گوسوامي ۽ امرت پربها مهانتا، 17 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا. هن سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ زوبين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ کي جعلي قرار ڏنو.
ياد رهي ته زوبين گارگ 19 سيپٽمبر تي سنگاپور ۾ هڪ ياٽ پارٽي دوران سمنڊ ۾ ترندي وقت فوت ٿي ويو هو. آسام پوليس ۽ سنگاپور جي اختيارين طرفان جاچ جاري آهي. موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ضلعي بکسا ۾ دفعو 144 لاڳو ڪئي وئي آهي.

