سکر(بيورو) پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي طرفان سکر ۾ نئون ايئرپورٽ تعمير ڪرڻ لاءِ ڪنسلٽنٽس جي خدمتن لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو هن منصوبي جي تعمير ۾ اهم قدم سمجهيو پيو وڃي.
ايئرپورٽس جي تعمير ۾ مهارت رکندڙ ڪمپنين کان درخواستون طلب ڪيون ويون آهن، خاص طور تي اهي ادارا جيڪي ڊيزائن، ماسٽر پلان ۽ فزيبلٽي رپورٽ جي تياري جو تجربو رکن ٿا، انهن کي ايئرپورٽ اٿارٽي جي پلان اينڊ ڊولپمينٽ ڊائريڪٽوريٽ ڏانهن درخواستون موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٽينڊر ۾ درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 22 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته وفاقي حڪومت سکر، ميرپور (آزاد ڪشمير) ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ نوان ايئرپورٽس تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، جنهن سان علائقائي رابطن ۽ واپار ۾ واڌ جي اميد ڪئي پئي وڃي.

