افغان طالبان ڀارتي مفادن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، سيز فائر جي ڀڃڪڙي تي سخت جواب ملندو: خواجه آصف

Homeاهم خبرافغان طالبان ڀارتي...

اسلام آباد: پاڪستان جي بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ افغان طالبان دراصل ڀارت جي مفادن جي خدمت ڪري رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته پاڪستان طرفان سخت جواب ڏنو ويندو.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف واضح ڪيو ته افغانستان طرفان سيز فائر جي ڀڃڪڙي جاري رهي ته پاڪستان پنهنجي اختيار جو استعمال ڪندو. هن ٻڌايو ته 48 ڪلاڪن جو سيز فائر لاڳو آهي، پر جيڪڏهن ان جي ڀڃڪڙي ٿي ته ردعمل ضرور ايندو.

بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته طالبان جا فيصلا ۽ ڪارروايون ڀارت جي اسپانسرشپ هيٺ ٿي رهيون آهن، ۽ ڪابل حڪومت هن وقت دهلي جي پراڪسي جنگ وڙهي رهي آهي. هن چيو ته طالبان جي نيت امن آڻڻ جي نه، پر تنازع وڌائڻ جي آهي.

خواجه آصف افغان دعويٰ تي تنقيد ڪندي چيو ته افغانستان جيڪو ٽينڪ ڏيکاري رهيو آهي، اهو پاڪستان وٽ موجود ئي ناهي، ۽ سمجهه کان ٻاهر آهي ته اهڙو جھوٽو دعويٰ ڇو ڪيو پيو وڃي. هن طنزيه انداز ۾ چيو ته معلوم ناهي اهو ٽينڪ ڪهڙي ڪباڙي مان ورتو ويو آهي.

بچاءُ واري وزير ٻڌايو ته ڪجهه دوست ملڪن جي ڳالهه ٻولهه جي آڇ تي پاڪستان مذاڪرات لاءِ تيار ٿيو هو ۽ ويزا جي درخواستون به ڏنيون ويون، پر جنگ جي شروعات کانپوءِ اهو عمل معطل ٿي ويو ۽ درخواستون واپس وٺي ويون.

خواجه آصف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت چيو ته هن عالمي سطح تي جنگ بندي جي ڪوششون ڪيون آهن، ۽ جيڪڏهن هو هتي به جنگ بندي جا خواهشمند آهن ته موسٽ ويلڪم.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});