ڪراچي: فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) طرفان ڪراچي جي بندرگاهن تان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽرانسپورٽ روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، جنهن بعد بندرگاهن تي ڪنٽينرن جي ڊگهي قطارون لڳي ويون آهن.
ڪسٽمز هائوس ڪراچي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ٽرانزٽ ٽريڊ جي هيڊڪوارٽر ۾ ڊي جي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪوئٽه ۽ پشاور جي ڊائريڪٽرن زوم ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ڪسٽمز جنرل آرڊر 98.2025 جاري ڪيو ويو، جنهن تحت افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽرانسپورٽ کي غير معينه مدي لاءِ معطل ڪيو ويو آهي.
آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪوئٽه ۽ پشاور جي ڪسٽمز اسٽيشنن تي وڌيڪ ڪنٽينرن رکڻ جي گنجائش ختم ٿي چڪي آهي، ان ڪري سڀني ٽرمينلن کي هدايت ڏني وئي آهي ته جيڪي افغان ٽرانزٽ جا ڪنٽينر گاڏين تي لوڊ ٿيل آهن، انهن کي آف لوڊ ڪيو وڃي. ساڳئي وقت سڀئي گيٽ پاس منسوخ ڪيا ويا آهن ۽ ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي بند ڪئي وئي آهي، جيڪو حڪم نئين صورتحال تائين لاڳو رهندو.
ان حڪم کانپوءِ ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم تي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ڪليئرنس بند ڪئي وئي آهي. ڪسٽمز ذريعن موجب، ايس اي پي ٽي تي ٽي پي ڪنٽينرن جي ڊگهي قطارون لڳي ويون آهن، جتي سوين ڪنٽينر گاڏين تي لوڊ ٿيل بيٺل آهن، جڏهن ته سوين ڪنٽينر ڪوئٽه ۽ پشاور جي رستن تي بيٺل آهن. ڊرائيور بارڊر کولجڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.

