سڪيورٽي فورسز پاران پاڪستان-افغانستان سيز فائر جو فائدو وٺي غيرقانوني داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ خوارجن کي ناڪام بڻايو ويو، مہمند ضلعي ۾ هڪ وڏي آپريشن دوران 45 کان 50 دهشتگرد مارجي ويا.
سڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن خفيه اطلاع جي بنياد تي ڪيو ويو، جنهن ۾ افغان سرحد کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ خوارجن جي وڏي گروهه کي نشانو بڻايو ويو. ڪارروائي دوران ڪيترائي دهشتگرد زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته پاڪ فوج علائقي کي گهيري ۾ وٺي مڪمل صفائي جو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، آپريشن دوران فائرنگ جو سلسلو ڪيتريون ئي ڪلاڪ جاري رهيو. فوٽيج ۾ آپريشن کان اڳ خوارجن جي حرڪتن کي ڏسي سگهجي ٿو. مارجي ويل دهشتگرد افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين لاءِ آيا هئا.

