اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان طالبان ڀارت جي چوڻ تي پاڪستان تي حملو ڪيو، جنهن بعد پاڪستان کي زبردست جوابي ڪارروائي ڪرڻي پئي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان سان جائز شرطن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ڊگهي سرحد آهي، ۽ پاڪستان محدود وسيلن باوجود 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه ڀائيچاري جو رشتو قائم رکيو آهي، پر افغان دهشتگرد پاڪستان جي پوليس، فوجي جوانن ۽ عام شهرين کي شهيد ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم سوال ڪيو ته 2018ع ۾ دهشتگردي ختم ٿي وئي هئي، پوءِ اهي دهشتگرد واپس ڪيئن آيا؟ هن الزام لڳايو ته 2018ع کانپوءِ جي حڪومت انهن کي واپس آڻي آباد ڪيو.
شهباز شريف چيو ته تازو ڪجهه ڏينهن اڳ فتنہ الخوارج پاڪستان جي فوج تي حملو ڪيو، جنهن بعد صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو. نائب وزيراعظم، وزير دفاع ۽ ٻين آفيسرن بار بار ڪابل جا دورا ڪيا، پر افغان حڪومت امن کي ترجيح نه ڏني ۽ جارحيت جو رستو اختيار ڪيو.
هن چيو ته جڏهن حملو ٿيو، تڏهن افغانستان جو پرڏيهي وزير دهلي ۾ موجود هو، ۽ حملو ڀارت جي شه تي ڪيو ويو. پاڪستان کي مجبوراً جوابي ڪارروائي ڪرڻي پئي، جنهن ۾ فیلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج منھ توڙ جواب ڏنو. هاڻي بال افغانستان جي ڪورٽ ۾ آهي. افغان حڪومت جي درخواست تي 15 آڪٽوبر کان 48 ڪلاڪن جي جنگبندي تي اتفاق ٿيو، جڏهن ته قطر سميت دوست ملڪ معاملو حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم چيو ته جنگبندي مضبوط شرطن تي ڊگهي مدي واري ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن صرف وقت وٺڻ لاءِ ڪئي وئي ته اهڙي ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي. پاڪ فوج دفاع جو حق استعمال ڪندي خوارجن کي سخت جواب ڏنو.
غزه جنگبندي بابت وزيراعظم جو بيان
وزيراعظم چيو ته غزه جي معاملي تي ڪجهه ماڻهو سياست ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته غزه ۾ ٿيندڙ ظلم جي جديد دور ۾ مثال نٿو ملي. معصوم ٻارن جو رت وهايو ويو، تنقيد ڪندڙ ان وقت ڪٿي هئا؟ هن چيو ته پاڪستان غزه جنگبندي ۾ پنهنجو فرض ادا ڪيو، شرم الشیخ ۾ معاهدو ٿيو، فلسطيني عوام خوش ٿيو ۽ الله جو شڪر ادا ڪيو.
وزيراعظم چيو ته فلسطيني رياست قائم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان هميشه فلسطين لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ اٿاريندو رهندو. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي تي پنهنجي ٽيم جو شڪريو ادا ڪندي هن چيو ته هي پروگرام آخري هجڻ گهرجي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي. ملڪ جي اقتصادي ترقي سان ئي آواز ۾ وزن ٿيندو.
افغان طالبان ڀارت جي چوڻ تي پاڪستان تي حملو ڪيو، مجبوري ۾ جوابي ڪارروائي ڪرڻي پئي: وزيراعظم
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

