ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ انسان دوست طبيب حڪيم محمد سعيد جي 27هين ورسي اڄ عقيدت سان ملهايو پئي وڃي.
حڪيم سعيد 20 جنوري 1920 تي دهلي ۾ پيدا ٿيا. هند جي ورهاست کان پوءِ 1948ع ۾ هجرت ڪري ڪراچي آيا. هنن طب ۽ حڪمت تي 200 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا.
ٻارن لاءِ شايع ٿيندڙ سندن رسالو “همدرد نونهال” وڏي مقبوليت ماڻي، جڏهن ته “همدرد پاڪستان” ۽ “همدرد يونيورسٽي” جي قيام ذريعي اڄ به هزارين ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن. سندن شاندار خدمتن تي حڪيم سعيد کي “نشان امتياز” سان به نوازيو ويو.
حڪيم محمد سعيد طب، حڪمت، علم ۽ ادب جي ميدانن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پنهنجي اخلاق ۽ محبت سبب ٻارن ۽ وڏن ۾ هڪجهڙو مقبول هئا. وطن جي خدمت ۽ نئين نسل جي تربيت لاءِ سندن ڪوششن کي هميشه ياد رکيو ويندو.
حڪيم سعيد کي 17 آڪٽوبر 1998 تي ڪراچي ۾ 78 ورهين جي عمر ۾ قتل ڪيو ويو.

