لاهور، لنڊن (ويب ڊيسڪ) قطر جي دارالحڪومت دوحه اڄ پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ اهم سفارتي ڳالهه ٻولهه جي ميزباني ڪندو، جتي ٻنهي ملڪن جي نمائندن وچ ۾ سرحدي تڪرار جي حل لاءِ ملاقات متوقع آهي.
برطانوي نشرياتي اداري موجب، طالبان جي سوشل ميڊيا پليٽفارم تي جاري ڪيل تفصيلن مطابق امارت اسلاميه افغانستان جو وفد، جنهن جي اڳواڻي وزير دفاع مولوي محمد يعقوب مجاهد ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ادارن جي اعليٰ آفيسرن سان اڄ دوحه ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندو.
پاڪستان طرفان هن وقت تائين ڳالهه ٻولهه بابت ڪا سرڪاري تفصيل جاري نه ڪئي وئي آهي، البت پاڪستان جي سرڪاري ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته سرحدي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ واري آهي.
پي ٽي وي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي سيڪيورٽي ذريعن تصديق ڪئي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه متوقع آهي، پر وقت ۽ هنڌ بابت تفصيل نه ڏني وئي. افغان ميڊيا اداري طلوع نيوز به ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪئي آهي ته ڳالهه ٻولهه دوحه ۾ ٿيڻ واري آهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته قطر پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ثالثي جي آڇ ڪئي آهي ۽ هو سنجيدگي سان ٻنهي ڌرين سان رابطو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي قطر جي وزير مملکت براءِ خارجه ڊاڪٽر عبدالعزيز الخليفي طرفان موڪليل پيغام ۾ پاڪستان جي علائقائي امن لاءِ ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي. اسحاق ڊار قطر جي مسلسل حمايت ۽ خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ ان جي مثبت ڪردار تي شڪريو ادا ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ عارضي جنگبندي جو وقت اڄ شام ڇهين وڳي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن سبب اڄ جي ڳالهه ٻولهه کي انتهائي اهميت حاصل آهي.

