اسلام آباد – خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
زلزلا پيما مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.6 ريڪٽر اسڪيل تي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي کوٽائي 120 فٽ هئي. زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش علائقو ٻڌايو ويو آهي.
زلزلي جا جهٽڪا اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، ملاکنڊ ڊويزن، بونير، بٽ خيله، سوات، ڪوهيستان، ايبٽ آباد ۽ چترال سميت خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ محسوس ڪيا ويا.
پاڪستان ميٽ ڊپارٽمينٽ موجب ابتدائي طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي، جڏهن ته صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي.

