مڊغاسڪر ۾ سياسي تبديلي: ڪرنل مائيڪل رينڊريانرينا صدر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو

Homeخبرونمڊغاسڪر ۾ سياسي...

انتاناناريوو (ويب ڊيسڪ) مڊغاسڪر ۾ تازين سياسي اٿل پٿل کانپوءِ ڪرنل مائيڪل رينڊريانرينا ملڪ جي نئين صدر طور حلف کڻي ورتو. گاڌي واري هنڌ انتاناناريوو ۾ ٿيل تقريب ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن، سياسي اڳواڻن، نوجوان تحريڪ جي نمائندن ۽ غير ملڪي وفدن شرڪت ڪئي.

هي تبديلي ملڪ ۾ جنريشن زي جي خوني احتجاج ۽ فوجي مداخلت کانپوءِ عمل ۾ آئي، جنهن دوران اڳوڻو صدر اينڊري راجويلينا ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو. پارليامينٽ طرفان ’ذميواري کان فرار‘ جي الزام هيٺ راجويلينا جو مواخذو ڪيو ويو ۽ کيس صدارت تان هٽايو ويو.

ان کانپوءِ عبوري فوجي ڪائونسل اقتدار سنڀالي ورتو، قومي اسيمبلي کانسواءِ باقي سڀئي پارلياماني ادارا ختم ڪيا ويا. ڪائونسل جي سربراهي ڪرنل رينڊريانرينا وٽ هئي، جن کي ملڪ جي عدالتِ عاليه صدر طور ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني.

عدالتي فيصلي کانپوءِ رينڊريانرينا کي فوجي سربراهه بدران آئيني صدر جي حيثيت حاصل ٿي وئي. حلف برداري کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ صدر رينڊريانرينا چيو ته اڄ اسان جي تاريخ جو نئون باب کولجي چڪو آهي، اسان ماضي کي وساري سياسي، معاشي ۽ انتظامي سڌارا آڻينداسين.”

هن اعلان ڪيو ته ايندڙ 18 کان 24 مهينن اندر نوان چونڊون ڪرائي وينديون، آئيني سڌارا ۽ چونڊ قانون تيار ڪيا ويندا، جڏهن ته هڪ گڏيل وزيراعظمجي مقرري لاءِ مشاورت جاري آهي.

صدر رينڊريانرينا فوجي بغاوت جي الزام کي رد ڪندي چيو ته عدالت جي منظوري سان هو آئيني صدر بڻيا آهن. ٻئي طرف، معزول صدر راجويلينا جي حامين ان تبديلي کي آئيني ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

راجويلينا اعتراف ڪيو آهي ته جان جي خطري سبب هن ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ هو فرانس جي جزيري ري يونين کان دبئي روانو ٿيو. ياد رهي ته مڊغاسڪر جي آزادي (1960) کانپوءِ هي ٽيون دفعو آهي جو ملڪ جو سربراهه اقتدار تان هٽايو ويو ۽ فوجي عبوري حڪومت قائم ڪئي وئي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});