دشمن جي هر پراڪسي کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين،دهشتگردن آڏو ڪڏهن به نه جهڪنداسين — فيلڊ مارشل

HomeFeatured Newsدشمن جي هر...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري) ۽ هلالِ جُرات، پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ دوران خطاب ڪندي چيو ته جيئن روايتي جنگي ميدان ۾ فتح حاصل ڪئي وئي، تيئن اسان جي پاڙيسري ملڪ جي هر رياستي پراڪسي کي به خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين. هن چيو ته اسلام جي غلط تشريح ڪندڙ مٺي ڀر گمراهه دهشتگردن آڏو ڪڏهن به جهڪبو نه.

هن چيو ته پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز ۽ فخر جو باعث آهي. هن بنگلاديش، عراق، مالي، مالديپ، نائيجيريا، نيپال، فلسطين، قطر، سري لنڪا ۽ يمن جي ڪيڊٽس کي تربيت مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.

فيلڊ مارشل ٻڌايو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي، پاڪ فوج قوم جي مڪمل حمايت سان ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين دفاع ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. تازو آپريشن “معرڪه حق/بنيان مرصوص” ۾ پاڪ فوج پنهنجي پيشه ورانه مهارت ۽ عزم سان دشمن کي شڪست ڏئي قوم جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ڪيو.

هن چيو ته ازلي دشمن خلاف ڪارروائين دوران رافيل جهازن کي ماريو ويو، دشمن جي ڪيترن ئي بيسز سميت S-400 سسٽم کي نشانو بڻايو ويو، ۽ پاڪستان ملٽي ڊومين وارفيئر جي صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪيو.

فيلڊ مارشل چيو: قوم کي يقين ڏيان ٿو ته انشاءَ الله، اسان هن مقدس ڌرتي جو هڪ انچ به دشمن جي حوالي نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته الله جي فضل ۽ قومي عزم سان، اسان فولادي ديوار وانگر متحد ٿي دشمن جو مقابلو ڪيو، ۽ هڪ اهڙي دشمن کي شڪست ڏني جيڪو پنهنجي گمراهه غرور ۾ مبتلا هو.

هن چيو ته ڀارت جلدي ۾ الزام تراشي ڪئي ۽ غير جانبدار جاچ کان پاسو ڪيو، سندس خودساخته ثبوت ڏيکاري ٿو ته ڀارتي حڪمران جماعت دهشتگردي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان عدد ۾ وڏي دشمن خلاف واضح فتح حاصل ڪري نه رڳو عوام پر عالمي برادري جو وقار به وڌايو، نوجوانن ۾ اعتماد پيدا ٿيو ته پاڪ فوج قومي طاقت جو بنيادي ستون آهي.

هن قوم کي سلام پيش ڪندي چيو ته هر سپاهي، سيلر، فضائي جوان، بهادر مرد، عورتون، ٻار ۽ بزرگ جن سخت حالتن ۾ قرباني ڏني، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

سيد عاصم منير چيو ته دشمن عوام ۽ فوج جي وچ ۾ دراڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن غازين، قومي قيادت، بيوروڪريسي، علمن، سائنسدانن، ميڊيا ۽ تعليمي شعبي جي فردن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.

آرمي چيف چيو ته اسان شهيدن ۽ انهن جي وارثن جا شڪرگذار آهيون، جن جي قربانين سان اڄ آزادي جي زندگي گذاري رهيا آهيون. هن چيو ته ياد رکو، دشمن پنهنجي مذموم مقصدن لاءِ عوام ۽ فوج جي وچ ۾ دراڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

فيلڊ مارشل خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته پاڪستان سخت جواب ڏيندو، جيڪو دشمن جي توقعن کان گهڻو وڌيڪ هوندو. هن چيو ته اسان جا هٿيار جنگ ۾ دور تائين نقصان پهچائيندڙ ثابت ٿيندا، ڀارت جي جغرافيائي وسعت جو من گھڙت حفاظتي تصور ختم ٿي ويندو.

آخر ۾ هن ڀارتي فوجي قيادت کي خبردار ڪندي چيو ته نيوڪليئر ماحول ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ جي ڪا گنجائش ناهي، پاڪستان سان بنيادي مسئلا بين الاقوامي اصولن جي تحت برابري ۽ باهمي احترام سان حل ڪيا وڃن.

پاڪستان جي عالمي ڪردار، دهشتگردي خلاف عزم ۽ سفارتي ڪاميابين تي روشني

پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ دوران آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ هڪ مؤثر نيٽ ريجنل اسٽيبلائيزر طور اُڀريو آهي، ۽ عالمي طاقتن، خاص طور تي اسلامي ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن چيو ته چين سان اسٽرٽيجڪ تعاون تي ٻڌل دوستي تي فخر آهي، جڏهن ته آمريڪا سان وڌندڙ لاڳاپن جي ٻيهر بحالي خوش آئند پيش رفت آهي.

فيلڊ مارشل ٻڌايو ته پاڪستان عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ مستقل ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ۽ اقوام متحده جي امن مشنز ۾ پاڪ فوج وڏي تعداد سان شامل آهي. سعودي عرب سان حاليه دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن جي ڀائيچاري کي مضبوط ڪري ٿو، جيڪو مشرقِ وسطىٰ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ اهم قدم آهي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ حرمين شريفين جي حفاظت ڪرڻ هڪ منفرد اعزاز آهي.

ايران سان پرامن ڳالهين ۾ پاڪستان جو ڪردار نمايان رهيو آهي، ۽ ٻين اسلامي ملڪن سان لاڳاپا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. فيلڊ مارشل صدر ٽرمپ جي عالمي تنازعات ۾ امن لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان عالمي ۽ علائقائي اڳواڻن سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪندو.

دهشتگردي خلاف موقف واضح ڪندي، فيلڊ مارشل چيو ته دشمن “فتنۃ الخوارج” ۽ “فتنۃ الہندوستان” کي هائرڊ گنز طور استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو ان جي منافقانه چهري کي بي نقاب ڪري ٿو. هن افغان سرزمين مان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي استعمال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ طالبان ريجيم تي زور ڏنو ته اهي انهن پراڪسين تي ڪنٽرول ڪن.

فيلڊ مارشل چيو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، خاص طور تي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي عوام جي مدد سان، هن لعنت کي به شڪست ڏيندا. هن خبردار ڪيو ته ڀارت جي جارحيت جي صورت ۾ سخت جواب ڏنو ويندو، جيڪو دشمن جي توقعن کان گهڻو وڌيڪ هوندو.

ڪشمير جي حوالي سان آرمي چيف چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ جمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ دهشتگردي جو خاتمو ضروري آهي، ۽ پاڪستان ڪشمير تي اصولي موقف تي قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان اقوام متحده جي قراردادن مطابق ڪشميري عوام جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

فلسطين جي حوالي سان فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن غزه ۾ امن جي حالتن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته جنگ بندي جاري رهندي ۽ فلسطيني عوام پنهنجي وطن ۾ امن سان رهي سگهندا. پاڪستان 1967 کان اڳ واري سرحدن تي القدس الشريف جي گاديءَ واري هنڌ سان گڏ، هڪ آزاد، خودمختار ۽ قابل عمل فلسطيني رياست جي حمايت جاري رکندو.

فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان جي سفارتي، اقتصادي ۽ عسڪري صلاحيتون انشاءَ الله ملڪ کي ترقي جي بلندين تائين وٺي وينديون. هن نوجوانن کي جعلي خبرن ۽ “انفارميشن ڊس آرڊر” کان بچڻ جي تلقين ڪندي چيو ته قائداعظم جي ارشادن مطابق، تربيت، نظم، ۽ ثابت قدمي سان ئي فتح حاصل ٿيندي.

خطاب جي آخر ۾، فيلڊ مارشل سڀني ڪيڊٽس کي ڪميشن حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان جي حفاظت فرمائي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ايران جي آمريڪا کي نئين...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون...

سول ۽ عسڪري قيادت جو...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو،...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});