بيجنگ – چين جي ڪميونسٽ پارٽي فوجي ادارن ۾ ڪرپشن جي الزامن تي سخت قدم کڻندي 9 اعليٰ جرنيلن کي پارٽي ۽ فوج مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. چين جي وزارتِ دفاع موجب، انهن آفيسرن تي سنگين مالي بدعنواني جا الزام آهن، جن مان گهڻا سينئر جنرل ۽ پارٽي جي مرڪزي فيصلا ڪندڙ ڪميٽي جا ميمبر هئا.
سرڪاري بيان ۾ هن ڪارروائي کي بدعنواني خلاف مهم جو حصو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مغربي تجزيه نگار ان کي سياسي قدم طور به ڏسي رهيا آهن. برطرف ڪيل آفيسرن ۾ سينٽرل ملٽري ڪميشن جو وائس چيئرمين هي ويڊونگ ۽ راڪٽ فورس جو ڪمانڊر وانگ هوبن شامل آهن.
هي قدم پارٽي جي اهم ڪنوينشن کان اڳ کنيو ويو، جتي ملڪ جي اقتصادي ترقي جي منصوبن تي بحث ۽ نون ميمبرن جي چونڊ ٿيڻ واري آهي. هي ويڊونگ، جيڪو چيني فوج ۾ ٻئي نمبر تي اعليٰ عهدو رکندڙ هو، مارچ کان وٺي منظر عام تي نه آيو، جنهن سبب سندس خلاف جاچ جي امڪانن کي هٿي ملي.
وزارتِ دفاع جي بيان مطابق، برطرف ڪيل آفيسرن پارٽي جي ضابطن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي، ۽ انهن تي وڏي رقم جي خردبرد سميت ٻين سنگين الزامن تحت جاچ جاري آهي.

