لاهور – پنجاب حڪومت نواز شريف آئي ٽي سٽي ۾ عالمي شهرت يافته تعليمي ادارو امپيريل ڪاليج لنڊن جو ڪيمپس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل هڪ خاص اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نومبر ۾ امپيريل ڪاليج لنڊن جي مقامي ڪيمپس جو سنگ بنياد رکيو ويندو، جتي 300 بيڊن تي مشتمل جديد اسپتال پڻ تعمير ڪئي ويندي.
اجلاس دوران وزيراعليٰ مريم نواز شريف درياءِ راوي تي روڊا پرائمري بند کي ممڪن سيلاب کان اڳ مڪمل ڪرڻ جو ٽارگيٽ پڻ ڏنو. اجلاس ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (روڊا) ۽ نواز شريف آئي ٽي سٽي جي منصوبن تي پيش رفت جو جائزو ورتو ويو، جتي روڊا فيز ون جي مڪمل ٿيڻ لاءِ ٻن سالن جو هدف مقرر ڪيو ويو.
وزيراعليٰ کي سي بي ڊي، روڊا ۽ اين ايس آئي ٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته روڊا بند جي تعمير سان لاهور درياءِ راوي جي سيلاب کان محفوظ ٿي ويندو. انٽرٽينمينٽ سٽي ۾ چين ۽ ترڪي جي ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته ڊي او ايف روبوٽڪ ۽ يو بينڊ پلير ٿيم پارڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن. انٽرٽينمينٽ سٽي ۾ 80 سيٽن تي مشتمل فلائنگ ٿييٽر پڻ تعمير ڪيو ويندو.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سليڪون سٽي، يونيورسٽي بلاڪ، ASTRA بلاڪ ۽ فلم سٽي ۾ مختلف ادارن دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. نواز شريف آئي ٽي سٽي ۾ آئي ٽي ٽاور جي تعمير 78 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته راوي سٽي پاڪستان جو پهريون مڪمل گرین سٽي هوندو.
وزيراعليٰ مريم نواز شريف مستقبل جي منصوبن جي جلد مڪمل ٿيڻ تي زور ڏيندي، فيوچر پراجيڪٽ بابت سه ماهي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ۽ روڊا جو قابل عمل بزنس پلان پڻ طلب ڪيو.

