لزبن (ويب ڊيسڪ) يورپ جي هڪ ٻي ملڪ پرتگال جي پارليامينٽ عوامي هنڌن تي نقاب تي پابندي لاڳو ڪرڻ وارو بل وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو.
عالمي خبرن جي ذريعن موجب، هي بل پرتگال جي انتهائي ساڄي ڌر واري سياسي جماعت “چيگا پارٽي” پاران پيش ڪيو ويو، جنهن تي پارليامينٽ ۾ ووٽنگ ٿي. حڪومتي اتحاد جي لبرل جماعتن ۽ چيگا پارٽي جي 60 ميمبرن بل جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته کاٻي ڌر ۽ ڪميونسٽ ميمبرن مخالفت ڪئي.
عددي اڪثريت سبب بل منظور ٿي ويو، جنهن تحت هاڻ عوامي هنڌن تي نقاب پائڻ تي پابندي لاڳو ٿيندي. قانون جي ڀڃڪڙي تي 200 کان 4000 يورو تائين جرمانو لاڳو ٿي سگهي ٿو.
ان کان علاوه، ڪنهن به فرد کي زبردستي نقاب پائڻ تي مجبور ڪرڻ جي صورت ۾ 3 سال تائين قيد جي سزا مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن سبب نقاب پائڻ جي خواهشمند والدين ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته پابندي صرف عوامي هنڌن تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته هوائي جهازن، سفارتي علائقن ۽ عبادتگاهن کي استثنا حاصل هوندو.
واضح رهي ته پرتگال يورپ جو واحد ملڪ ناهي، جتي نقاب تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. فرانس، آسٽريا، بيلجيم ۽ هالينڊ سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ مڪمل يا جزوي پابنديون اڳ ئي لاڳو آهن.
هاڻ بل جي منظوري کان پوءِ اهو صدر مارسيلا ريبيلو ڊي سوسا جي توثيق لاءِ موڪليو ويندو، جتي هو ان کي ويٽو ڪري سگهن ٿا يا نظرثاني لاءِ آئيني عدالت ڏانهن موڪلي سگهن ٿا.

