اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي بچاءُ واري وزير خواجه محمد آصف پاڪ-افغان جنگبندي جي مدي بابت صاف ۽ چٽو بيان ڏنو آهي، جنهن ۾ هن واضح ڪيو ته جنگبندي جي معاهدي لاءِ ڪا وقتي حد مقرر نه ڪئي وئي آهي.
وزيرِ بچاءُ چيو ته معاهدي ۾ صاف لفظن ۾ لکيل هو ته نه ڪا حد بندي ٿيندي ۽ نه ئي ٽي ٽي پي کي افغان ڌرتيءَ تي ڪا سهولت ڏني ويندي. پاڪستان بار بار اها ڳالهه ورجائيندو رهيو، جڏهن ته افغانستان ان ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو.
خواجه آصف ٻڌايو ته ترڪيه ۽ قطر طرفان زور ڏنو ويو ته اصل تڪرار اهو آهي ته افغانستان جي ڌرتي يا سرپرستي ٽي ٽي پي کي پاڪستان اندر ڪارروائي لاءِ دستياب آهي. پاڪستان افغانستان کي واضع طور تي آگاهه ڪيو ته سڄو معاملو صرف هڪ شرط تي مدار رکي ٿو.
بچاءُ واري وزيرِ چيو ته جنگبندي لاءِ نه ڪا تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي معاهدي جي واڌ لاءِ وقتي حد طئي ڪئي وئي آهي. هن واضع ڪيو ته جيستائين معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ٿئي، تيستائين جنگبندي جو معاهدو لاڳو رهندو.
ياد رهي ته افغان حد بندي جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي کان پوءِ طالبان جي درخواست تي جنگبندي عمل ۾ آئي هئي.

