واشنگٽن: آمريڪا ۾ ٿيل هڪ تازي سروي مان ظاهر ٿيو آهي ته اڪثريت آمريڪي شهرين فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿي، جڏهنتہ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان جي مخالفت ڪن ٿا.
رائٽرز ۽ اِپسوس جي سروي موجب، 59 سيڪڙو آمريڪي شهرين چاهين ٿا ته آمريڪا فلسطيني رياست کي تسليم ڪري. انهن مان 80 سيڪڙو ڊيموڪريٽس ۽ 41 سيڪڙو ريپبلڪن هن موقف جي حمايت ڪئي، جڏهنتہ 53 سيڪڙو ريپبلڪن ان جي مخالفت ڪئي.
هي سروي 15 کان 20 آڪٽوبر 2025ع تائين جاري رهيو، جنهن ۾ 4385 بالغ شهرين کان راءِ ورتي وئي. سروي مان اهو به ظاهر ٿيو ته تقريباً 60 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن جو خيال آهي ته غزہ ۾ اسرائيل جو ردعمل حد کان وڌيڪ هو، جڏهنتہ 32 سيڪڙو ان سان متفق نه هئا.
سروي ۾ اهو به ڏسڻ ۾ آيو ته صدر ٽرمپ جي امن جي ڪوششن جي ڪاميابيءَ جي صورت ۾ 51 سيڪڙو آمريڪي شهرين کيس ان جو ڪريڊٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن، جڏهنتہ 42 سيڪڙو ان سان متفق نه هئا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هر 20 مان صرف هڪ ڊيموڪريٽ صدر ٽرمپ جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي درست سمجهي ٿو، پر هر 4 مان هڪ چوي ٿو ته جيڪڏهن امن قائم رهي ٿو ته ٽرمپ کي نمايان ڪريڊٽ ملڻ گهرجي.
سروي مان اهو به ظاهر ٿيو ته صدر ٽرمپ جي خارجا پاليسيءَ بابت مقبوليت ۾ واڌ آئي آهي، جيڪا 33 سيڪڙو مان وڌي 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ۽ هي شرح جولاءِ کانپوءِ سڀ کان بلند سطح تي آهي.
ان دوران، فلسطيني رياست کي تسليم ڪندڙ ملڪن جي تعداد ۾ واڌ ٿي آهي، جن ۾ آمريڪا جا اتحادي جهڙوڪ برطانيا، ڪينيڊا، فرانس ۽ آسٽريليا شامل آهن. جڏهنتہ اسرائيل هن قدم جي مذمت ڪئي آهي، ڇاڪاڻتہ 1948ع ۾ اسرائيل جي قيام کانپوءِ لکين فلسطيني بي گهر ٿيا هئا ۽ هي تڪرار ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين جاري رهيو.

