لنڊن: جديد طبي تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته پارڪ يا قدرتي ماحول ۾ صرف 20 منٽ گذارڻ سان جسماني ۽ ذهني صحت تي مثبت اثر پئجي سگهن ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته فطرت جي ويجهو رهڻ سان تناؤ گهٽ ٿئي ٿو، بلڊ پريشر نارمل ٿئي ٿو، ۽ آنتن جي صحت به بهتر ٿئي ٿي.
فطرت جا چار اهم فائدا:
-
سڪون جو قيمتي تحفو
پارڪ ۾ وڻن جي لهر، گلن جي خوشبو، پنن جي سرسراهٽ ۽ پکين جي آواز سان انساني اعصابي نظام تي سڌو اثر پوي ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ماهر ڪيتھي ولس موجب، فطرت ۾ وقت گذارڻ سان دل جي ڌڙڪن نرم ٿئي ٿي ۽ بلڊ پريشر گهٽجي ٿو. برطانيا ۾ ٿيل هڪ سروي مطابق، هفتيوار 120 منٽ فطرت سان ويجهو رهڻ وارا ماڻهو وڌيڪ صحتمند ۽ خوشحال هوندا آهن.
-
هارمونز جو توازن بحال ٿئي ٿو
فطرت ۾ وقت گذارڻ سان تناؤ پيدا ڪندڙ هارمونز جهڙوڪ ڪورٽيسول ۽ ايڊرينالين جي سطح گهٽجي ٿي. هڪ تحقيق مان معلوم ٿيو ته پھولن جي خوشبو سانس ذريعي وٺڻ سان جسم ۾ وائرس سان وڙهندڙ “نيچرل ڪلر سيلز” وڌن ٿا، جيڪي هڪ مهيني تائين 24% وڌيڪ سرگرم رهندا آهن.
-
خوشبوءَ جو اثرائتو احساس
وڻن ۽ مٽيءَ جي خوشبوءَ ۾ نامياتي مرڪب شامل هوندا آهن، جيڪي رت ۾ شامل ٿي ذهني سکون ڏين ٿا. صنوبر جي خوشبو صرف 20 سيڪنڊن ۾ ذهن کي آرام ڏئي ٿي ۽ 10 منٽ تائين اثرائتي رهي ٿي. تحقيق مان معلوم ٿيو ته نوزائيده ٻار به فطري خوشبوءَ سان پرسڪون ٿي سگهن ٿا.
- مٽيءَ سان قربت ۽ آنتن جي صحت
مٽيءَ سان رابطي مان انسان دوست بئڪٽيريا ملي سگهن ٿا، جيڪي آنتن جي جراثيمي نظام کي متوازن ڪن ٿا. اهي بئڪٽيريا مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا، ۽ فائيٽون سائيڊز جهڙا قدرتي مادا جسم کي بيمارين کان بچائين ٿا. ڊاڪٽر ڪرس وِن ٽلڪن جو چوڻ آهي ته فطرت مدافعتي نظام کي نرم چئلينج ڏئي ان کي مضبوط بڻائي ٿي.
فطرت کي ويجهو آڻڻ جا آسان طريقا:
- گهر ۾ قدرتي منظر جا اسڪرين سيور لڳايو
- سفيد يا پيلو گلاب ذهن کي سڪون ڏين ٿا
- ليونڊر آئل تناؤ گهٽ ڪري ٿو
- جهنگ جي تصوير ڏسڻ سان به دماغ پرسڪون ٿئي ٿو
ماهرن جو چوڻ آهي ته فطرت جو هر ننڍڙو لمس جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ قيمتي تحفو آهي. جيڪڏهن پارڪ وڃڻ ممڪن نه هجي، ته به گهر ۾ فطرت جا لمحا شامل ڪرڻ سان وڏو فرق پئجي سگهي ٿو.

