لاهور(ويب ڊيسڪ)حافظ آباد مان 2005ع ۾ گم ٿي ويل ننڍڙي عشرت آخرڪار 2025ع ۾ پنهنجي گهر واپس اچي وئي، جنهن سان خاندان ۾ خوشين جي لهر ڇانئجي وئي. سييف سٽي اٿارٽي جي “منھنجو پيارو” ٽيم هڪ ٻي ناقابل يقين ڪاميابي حاصل ڪندي عشرت کي سندس وارثن سان ملايو.
عشرت جو انٽرويو ايدهي هوم لاهور ۾ رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو، جتان هڪ پاڙيسري کيس سڃاڻي ورتو ۽ سندس ڀاءُ کي اطلاع ڏني. ڀاءُ وڊيو ڏسندي ئي پنهنجي ڀيڻ کي سڃاڻي ورتو.
“منھنجو پيارو” ٽيم تصديق جا سڀ مرحلا مڪمل ڪرڻ بعد عشرت کي سندس گهر ڀيڻن حوالي ڪيو، جنهن بعد گهر ۾ خوشي ۽ جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا.
سييف سٽي جي ترجمان موجب، “منھنجو پيارو” ٽيم هن وقت تائين 40 هزار کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن کي سندن وارثن سان ملايو آهي. ترجمان شهرين کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن گم ٿيل شخص بابت معلومات هجي ته 15 تي ڪال ڪري 3 دٻايو ته جيئن ٽيم فوري رابطو ڪري سگهي.
هي واقعي جديد ٽيڪنالاجي ۽ انساني همدردي جي امتزاج جو ثبوت آهي، جتان گم ٿيل اميدون به واپس گهر موٽي سگهن ٿيون.

