بيجنگ — چيني سائنسدانن هڪ اهڙو جديد بيٽري سسٽم تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو لٿيم سيلز کي محفوظ طريقي سان 9000 ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت تائين فعال رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هيءَ ٽيڪنالاجي خاص طور تي برقي گاڏين ۽ پاور گرڊز لاءِ بيٽري جي ڪارڪردگي ۽ حفاظت ۾ اهم واڌارو آڻي سگهي ٿي.
ماهرن موجب، لٿيم ميٽل بيٽريون توانائي محفوظ رکڻ جي صلاحيت سبب مستقبل جي توانائي نظامن لاءِ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪيون آهن، پر موجوده لکوئڊ اليڪٽرولائٽس جي استعمال سان بيٽري ۾ ليڪ ٿيڻ، باهه لڳڻ ۽ لٿيم جي ڌاتوءَ جي وڌڻ جا خطرا موجود آهن، جيڪي بيٽري جي ڪارڪردگي ۽ سلامتي کي متاثر ڪن ٿا.
تازين سائنسي تحقيقن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊيپ ايئوٽيڪٽڪ جيل اليڪٽرولائٽس (DEGEs) نالي نون اليڪٽرولائٽس جي قسمن ۾ تيز چارج ڪنڊڪشن ۽ حرارتي استحڪام جي صلاحيت موجود آهي، جيڪا انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
جرنل آف دي اميريڪن ڪيميڪل سوسائٽي ۾ شايع ٿيل تحقيق مطابق، 2,2,2-ٽراي فلورو-اين-ميٿاليسٽامائڊ نالي ڪيميڪل سان تيار ڪيل اليڪٽرولائٽ بيٽري سسٽم کي مستحڪم رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جنهن سان لٿيم جي سوئي جهڙين شاخن جي واڌ کي روڪيو وڃي ٿو.
تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته هي نئون اليڪٽرولائٽ سسٽم استعمال ڪندڙ سيلز 9000 ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت تائين مستحڪم طريقي سان چارج ۽ ڊسچارج جا چڪر مڪمل ڪن ٿا، جيڪو بيٽري ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سمجهي پئي وڃي.

