راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ٻن اهم شهرن راولپنڊي ۽ پشاور ۾ ڊينگي وائرس جي حملن ۾ تيزي اچي وئي آهي، جتي روزاني بنياد تي نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته صحت کاتو احتياطي تدبيرن تي زور ڏئي رهيو آهي.
تفصيل موجب، راولپنڊي ۾ 15 هزار 139 ماڻهن جا ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1163 شڪي ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي. ڊسٽرڪٽ هيلٿ اٿارٽي راولپنڊي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 21 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته هن وقت 42 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. خوشقسمتي سان ڊينگي سبب ڪا به موت رپورٽ نه ٿي آهي.
صحت کاتي جي رپورٽ موجب، 59 لک 9 هزار 755 گهرن جي جاچ مڪمل ڪئي وئي، جن مان 1 لک 85 هزار 30 گهرن ۾ ڊينگي لاروا جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي، جيڪا صورتحال جي سنگيني کي ظاهر ڪري ٿي.
ٻئي طرف، پشاور ۾ ڊينگي جي فعال ڪيسن جو انگ 268 تائين پهچي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 نوان مريض سامهون آيا، جڏهن ته صوبائي سطح تي ڪيسن جو گڏيل انگ 3830 ٿي چڪو آهي. پشاور جي مختلف اسپتالن ۾ 54 مريض علاج هيٺ آهن، جڏهن ته ڊينگي سبب 2 اموات پڻ رپورٽ ٿي چڪيون آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پشاور ۾ 30 سينٽي گريڊ درجي حرارت سبب ميداني علائقن ۾ ڊينگي جي واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته اهي علائقا جتي موسم خشڪ ۽ ٿڌو ٿي چڪو آهي، اتي ڪيسن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
صحت کاتي طرفان شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو صفائي جو خاص خيال رکن، پاڻي جي ذخيرن کي ڍڪين، ۽ ڊينگي کان بچاءَ لاءِ حفاظتي قدم اختيار ڪن.

