جاويد اختر جي بيان تي لڪي علي جو طنز: “جيڪڏهن ڪنهن جي شيطانيت کي تڪليف پهتي هجي ته معذرت”

Homeخبرونجاويد اختر جي...

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي گلوڪار لڪي علي طرفان ناليواري ليکڪ ۽ نغمه نگار جاويد اختر جي تازي تڪراري بيان تي سخت ردعمل ڏنو ويو آهي، جنهن سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، جاويد اختر جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هو فلم شعلے جي حوالي سان ڳالهائيندي موجوده مذهبي رجحانن تي تبصرو ڪري رهيا هئا. وڊيو ۾ جاويد اختر چيو ته فلم جي رليز وقت ماڻهو اڄ وانگر مذهبي نه هئا، ۽ هاڻ اهڙا مڪالمه لکڻ ممڪن نه رهيا آهن.

هن دوران جاويد اختر هڪ تقريب جو حوالو ڏيندي چيو: “مون راجو هيراني کي چيو ته مسلمانن وانگر نه بڻ، انهن کي پنهنجو جهڙو بڻاءِ، الميو آهي ته تون انهن جهڙو بڻجي رهيو آهين.”

ان بيان تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي، جتي صارفين جاويد اختر کي نشانو بڻايو. لڪي علي پڻ ايڪس (سابق ٽوئٽر) تي تبصرو ڪندي لکيو: “جاويد اختر جهڙو نه بڻج.” هن جاويد اختر کي “بدتميز” ۽ “بدصورت” قرار ڏنو.

بعد ۾ لڪي علي وضاحت ڪندي چيو ته هن جو مطلب تڪبر کي بدصورتي قرار ڏيڻ هو، پر طنزيه انداز ۾ وڌيڪ لکيو: “شيطانن جا به جذبات ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن جي شيطانيت کي تڪليف پهتي هجي ته مان معذرت خواهان آهيان.”

لڪي علي جو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جتي جاويد اختر جي ناقدن طرفان گلوڪار جي حمايت ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جاويد اختر تي سخت تنقيد جاري آهي.

ياد رهي ته جاويد اختر پاڻ کي ترقي پسند چوندو آهي، پر سندس ڪيترائي بيان مسلمان برادري ۽ پاڪستان خلاف تنقيد تي ٻڌل رهيا آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو هو ته “جيڪڏهن مون کي دوزخ ۽ پاڪستان مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻو پوي ته مان دوزخ کي ترجيح ڏيندس.”

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});