پنڊي ٽيسٽ: ڏکڻ آفريڪا جي 18 ورهين کانپوءِ پاڪستاني ڌرتيءَ تي ڪاميابي، سيريز برابر

Homeخبرونپنڊي ٽيسٽ: ڏکڻ...

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي ڪرڪيٽ ميدان تي ٿيل ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي شڪست ڏئي 2 ميچن واري سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي. ڏکڻ آفريڪا 2007 کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستاني زمين تي ٽيسٽ ميچ کٽي آهي.

ڏکڻ آفريڪا 68 رنسن جو هدف آساني سان 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪپتان ايڊن مارڪرم 42 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ٽرسٽن اسٽبس بنا رن جي پويلين موٽيو. رائن ريڪلٽن 25 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان نعمان علي 2 وڪيٽون ورتيون.

ان کان اڳ پاڪستان جي ٻي اننگز سخت ناڪام رهي. چوٿين ڏينهن پاڪستان 94 رنسن تي 4 وڪيٽن جي نقصان سان اننگز جي شروعات ڪئي، جتي بابر اعظم (50) صرف هڪ رن جو اضافو ڪري پهرين اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو. محمد رضوان 18 رنسن تي، نعمان علي ۽ شاهين آفريدي بنا رن جي آئوٽ ٿيا. سلمان آغا 28 ۽ ساجد خان 13 رنسن تي آئوٽ ٿيا.

ٻي اننگز جي شروعات پاڪستان 71 رنسن جي خساري سان ڪئي، جتي صرف 16 رنسن تي امام الحق (9)، عبدالله شفيق (6) ۽ شان مسعود بنا رن جي پويلين موٽي ويا. بابر اعظم ۽ سعود شڪيل وچ ۾ 44 رنسن جي ڀائيواري سان ٿوري سنڀال آئي، پر سعود شڪيل 11 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو.

پوري پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ صرف 138 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن بعد ڏکڻ آفريڪا کي 68 رنسن جو هدف مليو. ڏکڻ آفريڪا طرفان سائمن هارمر 6، ڪيشو مهاراج 2 ۽ ڪگيٽو ربادا 1 وڪيٽ ورتي.

ياد رهي ته پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 333 رنسن ٺاهيا هئا. شان مسعود 87، سعود شڪيل 66، عبدالله شفيق 57، سلمان آغا 45، محمد رضوان 19، امام الحق 17 ۽ بابر اعظم 16 رنسن تي آئوٽ ٿيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪيشو مهاراج 7، سائمن هارمر 2 ۽ ربادا 1 وڪيٽ ورتي.

ڏکڻ آفريڪا پنهنجي پهرين اننگز ۾ 404 رنسن ٺاهي 71 رنسن جي برتري حاصل ڪئي. 235 رنسن تي 8 وڪيٽون وڃائڻ بعد متھوسامي ڪيشو مهاراج (30) سان 71 ۽ ربادا (71) سان 98 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم کي فائدو ڏنو. متھوسامي 89 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته اسٽبس 76 ۽ ربادا 71 رنسن تي نمايان رهيا.

پاڪستان طرفان آصف آفريدي 6، نعمان علي 2، شاهين آفريدي ۽ ساجد خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. آصف آفريدي پنهنجي شروعاتي ميچ تي پنج وڪيٽون وٺي پاڪستان لاءِ ٻيو کاٻي هٿ وارو اسپنر بڻجي ويو، جيڪو ڊيبيو تي اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاهور ٽيسٽ: پاڪستان جي شاندار...

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهريين ٽيسٽ ميچ ۾ ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن ڏکڻ آفريڪا کي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});