ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر قائد جي علائقي لياري مان 16 ورهين جو نوجوان مبينا طور تي سنڌ جي ڪچي علائقي جي ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪيو ويو، جنهن بابت چاڪيواڙي ٿاڻي تي مغوي جي ماءُ جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
تفصيل موجب، چاڪيواڙي جو رهواسي نوجوان “يومان” مبينا طور تي هني ٽريپ ذريعي گھوٽڪي جي ڪچي علائقي ۾ سڏائي اغوا ڪيو ويو. پوليس ذريعن مطابق نوجوان جون زنجيرن ۾ ٻڌل تصويرون سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيون ويون آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس سخت قيد ۾ رکيو ويو آهي.
اغوا ڪندڙن پاران يومان جي وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا تاوان جو مطالبو ڪيو ويو آهي. مدعي جي بيان مطابق نوجوان گوشت وٺڻ لاءِ گهر کان نڪتو هو پر واپس نه آيو، جنهن بعد علائقي ۾ ڳولا ڪئي وئي، پر ڪاميابي نه ملڻ تي پوليس کي اطلاع ڏني وئي.
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ نوجوان جي بازيابي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا جي پويان منظم گروهه جو امڪان آهي، جنهن بابت جاچ جاري آهي. واقعي سبب علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.

