ڪي اين شاهه ۾ ٽن ڄڻن جي ڪرونا چڪاس مثبت اچي وئي، شهرين ۾ خوف

Homeبريڪنگ نيوزڪي اين شاهه...

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) خيرپور ناٿن شاهه پوري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي تباه ڪارين جو سلسلو جاري، ڪي اين شاهه ۾ ٽن ڄڻن جي ڪرونا چڪاس مثبت اچي وئي، شهرين ۾ خوف ۽ حراس، ٽيسٽ پازيٽو ايندڙن کي گھرن  تائين محدود ڪيو ويو، ڊي ايڇ او دادو پاران ٽيسٽ پازيٽو ايندڙ جي عزيزن ۽ انهن سان ملندڙ جلندڙ ماڻهن جون ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ صحت کاتي کي هدايتون جاري. خبرموجب جتي  پوري ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي تباه ڪارين جو سلسلو هلندڙ آهي اتي ڪي اين شاهه شهر واسي به ان وائرس جي ضد ۾ اچي ويا آهن گذريل ڏينهن صحت کاتي پاران ڪي اين شاهه شهر جي ڇهن ڄڻن عابد حسين ٻٻر، سيد اظهرحسين  شاهه ، سيد شفقت حسين شاهه، رئيس امداد گاڏهي ،امتياز لنڊ ۽ آفتاب سولنگي جون ڪرونا ٽيسٽون ڪرايون ويون هيون جن مان ٽن ڄڻن سيد اظهر حسين شاه ، سيد شفقت حسين شاهه ۽ رئيس امداد گاڏهي جون رپورٽون پازيٽو اچڻ جي ڊي ايڇ او دادو تصديق ڪري ڇڏي آهي، ڊي ايڇ او دادو ۽ ايس ڊي ايم خيرپور ناٿن شاهه ارشاد ڪمالاڻي موقف ڏيندي چيو ته رپورٽون مثبت ايندڙ فردن کي گھرن تائين محدود ڪيو ويو آهي، هنن اهو به چيو ته سندن گھر ڀاتين ۽ هنن سان ملندڙ جلندڙ ماڻهن جي ٽيسٽن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو جنهن لاءِ ڊي ايڇ او دادو  صحت کاتي جي ذميوارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ جڏهن رپورٽون مثبت ايندڙ شهرين کان موقف ورتو ويو ته انهن ٻڌايو ته اسان ۾ ان وبا جون ڪي به علامتون نه آهن ان هوندي به اسان آغا خان ليبارٽري مان ٽيسٽون ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون اسين بلڪل تندرست آهيون ۽ پنهنجي گھرن ۾ آسوليٽ ٿي ويا آهيون ڪنهن کي به ان متلق پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي هوڏانهن رپورٽون پازيٽون اچڻ کانپوءِ خبرون اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي هلڻ بعد شهرين ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});